منظور ٿھيم جي ناول ”تپش“ تي هڪ نظر

تحرير: طارق امر آريجو

ڪلاسڪ ادب ان ڳالهه جو گُھرجائو ھوندو آھي ته اھو پنھنجي ڌرتي ۽ پنھنجن ماڻھن سان ڳنڍيل ھجي، ان ڪري ئي ناول تپش ۾ ماڻھوءَ کي جيئڻ جي سگهھ ، انساني آجپو، احساسن ۽ آدرشن جي تپش به ملي ٿي، ته تڪليفن ، دردن، درمانن، ۽ مصيبتن کان نجات لاءِ مزاحمت به نظر اچي ٿي.

 اسان جي اڪثرغير سياسي ۽ غير نظرياتي اديبن ۾ اھا وڏي بيماري آھي ته اهي پاڻ کي غير جانبدار سمجھي ڪردارن کان پري بيٺل نظر ايندا آھن. اڄ جو وڏو سچ اھو آھي ته ڪو به ليکڪ، اديب غير جانبدار ٿي لکي ئي نٿو سگھي. منظور به پنھنجن اڳين ناولن (پنھون ۽ منڇر) ۾  به پاڻ نظر اچي ٿو، پنھنجن ڪردارن سان انصاف ڪندي انھن جي پيڙا، درد ۽ اذيتن کي محسوس ڪندي انھن ڪردارن ۾ پاڻ سمائجي وڃي ٿو ۽ پڙھندڙن کي پنھنجي موجودگيءَ جو ڀرپور احساس ڏياري ٿو. ڇاڪاڻ ته پاڻ به ھڪ سياسي ڪارڪن رھيو آھي ان ڪري ھن جي ڪردارن ۾ اھو رنگ ملي ٿو، چاھي اھي سماجي، سياسي ، ثقافتي ۽ ماحولياتي ڪردار ڇو نه ھجن، ھو انھن جو پيرو اھڙي طرح کڻي ٿو جو انھن ڪردارن جي تخليق  کان وٺي انھن جي سماجي پھلوئن تايئن انھن ڪردارن ۾ جاڳرتا، شعور ۽ پختگي نظر اچي ٿي ايئن نظرياتي سياسي ڪارڪن ئي ڪري سگھي ٿو، جيڪو سماج جي سائنسي ۽ جدلياتي آک (مارڪسي فڪر) سان سماج کي ڏسي ۽ پروڙي. پنھون ناول ۾ جتي کنڀجي ويل سياسي ڪارڪنن جي بيوسي ، درد ڪٿا ۽ انھن جي گھر ڀاتين جون پريشانيون، فڪرمنديون ۽ انھن جي ڳولا لاءِ جاکوڙ، جستجو ۽ اميدن تي آڌاريل سپنن جو جھان ملي ٿو ته وري منڇر ناول ۾ اُتي ماحولياتي تباھي، مھاڻن جا اُٿليل ڦٽ،  ڦٽل اجھا، معاشي بدحالي ۽ بيروزگاريءَ جو راڪاس کڙو نظر اچي ٿو. منڇر جي تباھيءَ ڪارڻ، مھاڻن جي لڏپلاڻ ۽ نتيجي ۾ رت جي سچن رشتن ۾  به ڪال پوي ٿو، اُھي ڇيڻن وانگر ڀورا ڀورا ٿيندي نظر اچن ٿا. منڇر ۾ اُجڙي ويل مھاڻن جي ڀيانڪ وارتا ملي ٿي.

 اھڙي طرح تپش ناول ۾ به ڌرتيءَ سان جڙيل انوکن ڪردارن جي وارتا بيان ٿيل آھي. ڪراچيءَ جي گرومندر جو دادا شڪور به ھڪ مزاحمتي ڪردار آھي، جيڪو شھر ۾  دھشتگردي خلاف ويڙھ دوران ھر رنگ، نسل ۽ مذھب واري جي ساھتا ڪري ٿو. ھو مصيبت زده ماڻھن کي پناھ ڏئي ٿو، ڀارت ۾  بابري مسجد جي واقعي جي پس منظر ۾ گرومندر جي ويجھو ٿيندڙ فسادن ۾ ھندن سان ٿيندڙ ڏاڍاين کي ڏسي  کيس لڳي ٿو ته ڀارت جو ورھاڱو ھڪ دفعو نه پر بار بار ٿي رھيو آھي. ساڳيا زخم کيس اٿلندي محسوس ٿي رھيا ھئا، ڪيترا ئي ھندو خاندان دا دا شڪور جي ننڍڙي گھر ۾  پناھ وٺندي آسيس محسوس ڪن ٿا. اھڙي ئي طرح بلوچستان ۾ ھارين واري "پٽ فيڊر تحريڪ” جي ھڪ سياسي ڪردار آصفه، جيڪا ڪراچيءَ ۾ ڪميونسٽ تحريڪ جي نظرياتي ڪامريڊن جي تيار ڪيل آھي، ڪراچيءَ کان ڪھي اچي ھارين جي انقلابي ويڙھ جو حصو ٿئي ٿي. جنھن کي جيل وڃڻ جو ڪوئي تجربو ناھي، ڪيئن جيل جي سختين کي منھن ڏئي ٿي. مڇ جيل جيڪو قيدين لاءِ اونھاري ۾ دوزخ ۽ سياري ۾ انتهائي برفيلو محسوس ٿيندو آھي، سردين ۾ ته قيدين جون ڄاڙيون به ٽين جي دٻي وانگر کڙڪڻ لڳنديون آھن، ھٿ ٺري برف ٿيو پون ۽ جسم اھڙو ڄڻ ڪنھن ڊکڻ ڪاٺ جو مجسمو ٺاھي رکيو ھجي. اھڙن قيد خانن ۾ سختيون پچائڻ ھر قيدي جي وس جي ڳالهه ناھي ھوندي. ذھني، جسماني تشدد کان ويندي بک ھڙتالن تايئن ڪو ذھني طور تي مظبوط  ماڻھو ئي قيدين جي حقن جي اھڙي ويڙھ  وڙھي سگھي ٿو، اھا شڪتي اھو ڏانءُ صرف نظرياتي سياسي ڪارڪنن کي ئي اچي سگھي ٿو. نظريو ئي وڏي طاقت آھي جنھن جي سگھه سان سياسي ماڻھوءَ کي شاھي قلعي جھڙي اذيت گاھ به جھڪائي نٿي سگھي، ھارائي نٿي سگھي. آصفه به پٽ فيڊر ھاري تحريڪ جو حصو ٿيندي ڏيڍ مھيني کان وڌيڪ عرصو جيل ڀوڳي ٿي، توڙي جو ڪڻس اھا اڳي ئي سُڌ  ھئي ته جيل ۾ قيدين جو آڌرڀاءُ ڪيئن ٿيندو آھي. هُـوءَ انھن ڳالههين کان پالھي نه هُئي ته جيل ياترا به ڀوڳنائن جو سفر آ، ھڪ پيڙا آھي جنھن کي ڀوڳڻ ڪنھن سياسي قيديءَ لاءِ سڀاويڪ آھي. پر جيل جا ساٿي ۽ انھن جي ھمٿ ڏسي سندس سياسي جدوجھد ۽ نظرئي ۾ ويساھ وڌي وڃي ٿو، هُـوءَ جيل اندر خوف، ذھني دٻاءَ ۽ ھيڻن حوصلن تي ضابطو آڻي وجھي ٿي، انساني آجپي جي ويڙھ ۾ سندس آدرش اڃان به پختا ٿي وڃن ٿا.

 اھڙي طرح ايوبي آمريت جي پھريون کنڀجي ويل ڪميونسٽ اڳواڻ شھيد  حسن ناصر جي شاھي قلعي اندر المناڪ وارتا پڻ سڄي ناول تي ڇانيل آھي. هُـو 1960ع ۾ ايوبي آمريت جو پھريون کنڀيل ۽ شھيد ڪيل اڳواڻ ھيو. 32 سالن جي الھڙ جواني جيڪا عام طور اسان جي سماج ۾ نوجوان ڪنھن ناريءَ جي زلفن جا اسير ٿي عشق کي ارپي ڇڏيندا آھن، اُتي حسن ناصر پنھنجو عشق پورھيت عوام ۽ انھن جي ڌرتيءَ سان ڪيو. ھو لاهور جي شاھي قلعي جو پھريون فاتح ھيو جنھن سر ڏيڻ ته قبوليو پر آمرن آڏو جھڪيو ڪونه . شاھي قلعي جي اندر ھن سان جيڪي جٺيون, وارتائون ٿين ٿيون ۽ جن اذيتن کي هُـو ڀوڳي ٿو، اُھي پڙھندڙن جي ذھنن کي جنجھوڙي وجھن ٿيون، حقيقت ۾ اسان جي کاٻي ڌر جي سياست جا ٻه ڪردار شھيد حسن ناصر ۽ شھيد نذير عباسي اھڙا جاندار ڪردار آھن جن جي سياسي ھلچل تي ناول اچڻ کپندا ھيا پر افسوس جو ايئن نه ٿي سگھيو آھي. وري به منظور ٿھيم جس لھڻي جنھن حسن ناصر تي مختصر ئي سھي، ان جي سياسي زندگيءَ جو عڪس چٽيو آھي ۽ نئين نسل کي ان جي سياسي ھلچل متعلق آگاھي ڏني آھي. ھن ناول ۾ ٻيا به کوڙ سارا ڪردار آھن جيڪي سياسي توڙي غير سياسي آھن ته به مزاحمت سان ڀريل آھن. جيڪي پڙھندڙن کي موھي وجھن ٿا ۽ حوصلن جي بلندين تي وٺي وڃن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.