ميروخان شھر سميت تعلقي جي مختلف ننڍن وڏن شھرن ۽ ڳوٺن سميت پسگردائي جي علائقن نئون ٺارو وڌو شھپر کوکر بھرام عرضي ڀٽو سجاول جوڻيجو کانسواءُ ميروخان شھر جي باءِ پاس جي ڀرسان قائم نئين آبادي نئون تعمير ٿيندڙ بس ٽرمينل گلشن آباد ڪالوني پير شاھ ڪالوني پراڻي مڇي مارڪيٽ مين روڊ تي لاڙڪاڻو ويگن اسٽينڊ سامھون بند پيل جڳھه شھر جي قبرستانن کانسواءُ ٻنين ۽ واھن شاخن ڀرسان بند پيل پراڻين جاين تي آئيس واپرائيندڙ ۽ کپائيندڙن پنھنجا ٿاڪ قائم ڪري ڇڏيا آھن. ذريعن کان اھا به ڄاڻ ملي آھي ته ميروخان شھر ۾ آئيس واپرائيندڙن ۽ کپائيندڙن جون پاڻ ۾ حدون مقرر ٿيل آھن جتي ٻئي گروپ جي ماڻھن کي آئيس پيئڻ ۽ کپائڻ جي اجازت نه آھي آئيس ھڪ خطرناڪ نشو آھي جنھن جي واپرائڻ سان انسان جي سماجي معاشي زندگي سميت صحت تي تمام خراب اثر پوندا آھن اڄڪلھه اسان جي سماج ۾ آئيس جو نشو تيزي سان وڌي رھيو آھي جھڙي طرح دنيا جي ھر شي ۾ جدت اچي رھي آھي ساڳي طرح نشي آور شيون به جدت اختيار ڪري رھيو آھن.
ھن نشي ۾ ڪنھن به قسم جي خوشبو نه ھوندي آھي آئيس واپرائيندڙ ماڻھو 36 کان 72 ڪلاڪن تائين جاڳي سگھي ٿو آئيس جو نشو پھريون دفعو استعمال ڪرڻ کانپوءُ جسم ۾ خوشي جا ھارمونيز سرگرم ٿي ويندا آھن جيڪي ڪجهھ ڪلاڪن کانپوءُ ختم ٿي ويندا آھن ۽ انسان ساڳي خوشي محسوس ڪرڻ لاءُ آئيس جو استعمال وڌائي ڇڏيندو آھي جنھن کانپوءُ انسان ڏينھون ڏينھن نشي ۾ مبتلا ٿي ويندو آھي.
آئيس واپرائيندڙ پئسا نه ھئڻ جي صورت ۾ شھر جي مختلف محلن جي گھرن مان موبائيل فون، بازارن مان دڪانن جي ڇت ۾ لڳل ڇاپرن جا ٽيئر سرڪاري عمارتن جي ھلندڙ ڪمن مان لوھي سيخن، شھر اندر ۽ ٻنين تي پيئڻ جي پاڻي لاءِ لڳل نلڪن جا ڳن، سولر پليٽن جي چوري ۾ تيزي سان واڌ اچي وئي آهي. انھيءَ کانسواءِ آئيس نشي لاءِ پئسا نه ھئڻ جي صورت ۾ 10 کان 15 سالن جا ڪجھه معصوم ٻار آئيس وٺي ڏيڻ جي لالچ ۾ ڪجھه وحشي سوچ رکندڙ ماڻھن جي ور چڙھي وڃن ٿا جيڪي پنھنجي حوس کي پورو ڪرڻ لاءِ معصوم ٻارن سان بدڪاري ڪن ٿا جنھن ڪري شھر جي نوجوانن جون زندگيون تباھ ٿي رھيون آھن آئيس جي نشي واپرائڻ سبب ھن وقت ھزارين نوجوانن جو مستقبل تباھي ڪناري ۽ سندن زندگيون داءُ تي لڳل آھن آئيس کي نشي جي روڪٿام لاءِ سياسي ۽ مذھبي تنظيمون سول سوسائٽي ساڃاھ وندن سميت مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ۽ انتظاميا مڪمل طور تي خاموش تماشائي بڻيل آھي جن جي خاموشي سواليا نشان آھي ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته ميروخان جي نوجوانن کي نشي کان بچائڻ ۽ علائقي کي منشيات کان پاڪ ڪرڻ لاءِ سماج جي سمورن فردن کي پنھنجو عملي ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آھي جيئن اسان پنھنجي ايندڙ وقت جي نوجوانن جون زندگيون بچائي سگھون