ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آزادي جي جشن جي سلسلي ۾ گورنر هائوس ڪراچي ۾ اڄ رات آتشبازي جو رڪارڊ قائم ٿي رهيو آهي.
ملڪ ۾ آزادي ڏهاڙي جي حوالي سان جشن ملهائڻ جو سلسلو جاري آهي، گورنر هائوس ڪراچي ۾ اڄ رات رڪارڊ آتشبازي ڪئي ويندي، گنيز بس ورلڊ رڪارڊز جا نمائندا گورنر هائوس پهچي چڪا آهن.
گورنر هائوس ۾ تاريخي آتشبازي جي شو جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، ڪراچي جي فضائن ۾ رنگ ۽ روشني جو حسين ميلاپ ڏيکاريو ويندو.
آتشبازي جو اهو مظاهرو عالمي رڪارڊ ۾ شامل ٿيندو.
Next Post
You might also like