ڏکڻ آفريڪا جو پلاند، ٻي ٽي ٽوئنٽي ۾ آسٽريليا کي 53 رنسن تان هارائي سيريز برابر ڪري ورتي

ڊاروِن (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي ٻي مقابلي ۾ آسٽريليا کي 53 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي.
ڊاروِن جي مرارا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ آسٽريلوي ڪپتان مچل مارش ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو.
ڏکڻ آفريڪا پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ ست وڪيٽن جي نقصان تي 218 رنسون ٺاهيون.ڊيوالڊ بريوس شاندار ناٽ آئوٽ سينچري اسڪور ڪئي.
هن 56 بالن تي 12 چوڪن ۽ 8 ڇڪن جي مدد سان 125 رنسون ٺاهيون، ٻين بيٽرز ۾ ٽرسٽن اسٽبس 31 ۽ ايڊن مارڪرم 18 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
آسٽريليا جي گلين ميڪسويل ۽ بين ڊارويش ٻه، ٻه وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته جوش هيزل ووڊ ۽ ايڊم زمپا هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
پروٽيز جي 219 رنسن جي جواب ۾ ڪينگروز جون وڪيٽون وقفي وقفي سان ڪِرنديون رهيون.
ٽِم ڊيوڊ کانسواءِ ڪو به بيٽر پروٽيز بالرز جو مقابلو نه ڪري سگهيو ۽ هن سڀ کان وڌيڪ 50 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته اليڪس ڪيري 26 ۽ مچل مارش 22 رنسون ٺاهي سگهيو.
ڏکڻ آفريڪا جي مفاڪا ۽ ڪاربن بوش شاندار بالنگ ڪندي 3، 3 وڪيٽون حاصل ڪيون.
شاندار بيٽنگ تي ڊيوالڊ بريوس کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
واضح رهي ته سيريز جي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ آسٽريليا ڏکڻ آفريڪا کي 17 رنسن تان شڪست ڏني هئي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٽِين ميچ 16 آگسٽ تي کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.