ٻه ٻه موڪلون، عوام لاءِ خوشخبري اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ 13 آگسٽ تي موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ هاڻ شهري ٻن موڪلن مان لطف اندوز ٿي سگهندا.
اسلام آباد ۾ 13 آگسٽ اربع ڏينهن مقامي موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سمورا نجي ادارا، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون، نجي ڪاروباري ادارا ۽ آفيسون بند رهنديون.
اسلام آباد انتظاميا جي تحت ضروري خدمتن واريون سموريون آفيسون کليل رهنديون، وفاقي وزارتون، ڊويزن، سمورا وفاقي ذيلي ادارا ۽ آفيسون کليل رهنديون.
انتظاميا جو چوڻ آهي ته موڪل مقامي سطح تي ٿيندڙ سرگرمين ۽ تيارين کي ڏسندي ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.