ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جا سينيئر بيٽر محمد رضوان ۽ بابر اعظم، اسٽرائيڪ ريٽ ۾ سڀني آءِ سي سي فل ميمبر ملڪن جي ڪرڪيٽرن کان پوئتي رهجي ويا.
پهرين جنوري 2024 کان اڄ تائين ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ٻنهي جو اسٽرائيڪ ريٽ سڀني کان گهٽ رهيو. ان عرصي ۾ رضوان جو اسٽرائيڪ ريٽ 75.03 رهيو، جڏهن ته بابر 78.88 جي اسٽرائيڪ ريٽ سان رنس اسڪو رڪيون.
ان دوران اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم جي خراب فارم ختم ٿيڻ بدران وڌيڪ ڊگهي ٿي وئي آهي، بابر کي آخري ڀيرو ون ڊي ۾ سينچري ٺاهي 712 ڏينهن گذري ويا آهن.
بابر اعظم آخري ون ڊي سينچري ايشيا ڪپ 2023 ۾ نيپال خلاف اسڪور ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ سندس بيٽ مسلسل خاموش آهي. هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ گذريل ٻن سالن دوران سندس بهترين اسڪور 78 رهيو.
خراب فارم ۽ سست بيٽنگ سبب کيس اڳ ئي ٽي ٽوئنٽي ٽيم مان نيڪالي ملي چڪي آهي، جڏهن ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سندس انگ اکر به ٽيم ۾ رهڻ لاءِ ڪافي نه آهن.
ويسٽ انڊيز خلاف ٻي ون ڊي ۾ هو ٻُڙي تي آئوٽ ٿي ويو، جيڪو بابر اعظم جي ون ڊي انٽرنيشنل ڪيريئر ۾ پنجون موقعو هو جڏهن کيس کاتو کولڻ بنا پويلين موٽڻو پيو.
رنسن جا انبار لڳائيندڙ بابر اعظم جي بيٽ کي زنگ لڳي ويو، دنيا جي سست ترين بيٽرن ۾ شامل
Prev Post
You might also like