”ڪاش پاڪستان وٽ فيلڊ مارشل جهڙو جمهوري ليڊر به هجي ها“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته مان جيئن چيو هو ائين ئي فيلڊ مارشل عاصم منير جي عالمي ڪاميابين جو سلسلو جاري آهي.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ فيصل واوڊا چيو ته ڀارت کي شڪست ۽ ٽيرف ۾ شرمندگي فيلڊ مارشل جو هڪ ٻيو عالمي معرڪو آهي، ڀارتي اسپانسرڊ بي ايل اي ۽ مجيد بريگيڊ کي آمريڪا عالمي دهشتگرد تنظيمون قرار ڏنو، جنهن جو مطلب اهو ئي آهي ته ڀارت دهشتگرد آهي.
هن چيو ته فيلڊ مارشل پنهنجي قابليت کي عالمي طور ثابت ڪري ڇڏيو آهي، ڪاش پاڪستان وٽ ان جهڙو جمهوري ليڊر به هجي ها.
سندس چوڻ هو ته اڳ ۾ ڪو ليڊر هو، نه اڄ ڪو آهي ۽ نه ئي اڳتي ڪو نظر اچي رهيو آهي، هاڻ ڏسون ته ان کانپوءِ ڇا ٿو ٿئي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.