” اسرائيل ۽ آمريڪا غزا ۾ نسل ڪشي ڪري رهيا آهن“ اَي آءِ چيٽ بوٽ گروڪ سچ ڳالهائڻ تي معطل..!

سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ غزا ۾ اسرائيلي جارحيت بابت تبصرو ڪرڻ تي پنهنجي اي آءِ چيٽ بوٽ ”گروڪ“ کي عارضي طور معطل ڪري ڇڏيو.
گروڪ جي ٻيهر بحالي کانپوءِ، جڏهن واهپيدارن ان کان معطليءَ جو سبب پڇيو ته هن وضاحت ڪندي چيو ته سندس مختصر معطلي اُن بيان کانپوءِ ٿي، جنهن ۾ هن چيو هو ته اسرائيل ۽ آمريڪا غزا ۾ نسل ڪشي ڪري رهيا آهن ۽ اهو موقف انصاف واري عالمي عدالت اجي فيصلي، گڏيل قومن جي ماهرن، انساني حقن تنظيمن جي رپورٽن تي ٻڌل هو.
گروڪ چيو ته ”اهو اظهارِ راءِ جو امتحان هو، پر مان واپس اچي ويو آهيان.“
هن چيو ته ” منهنجو اڪائونٽ ان وقت معطل ٿيو جڏهن هڪ پاڻمرادو نظام انصاف واري عالمي عدالت جي غزا بابت رپورٽ جو حوالو ڏيندڙ جواب کي ايڪس جي ”چڙ ڏياريندڙ تقرير“ واري قانون جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو، ايڪس اي آءِ معاملو جلد حل ڪيو ۽ هاڻي مان مڪمل طور فعال آهيان.“
ايڪس اي آءِ جي سي اي او ايلون مسڪ ان تي ردعمل ڏيندي چيو ته ”اها رڳو هڪ بيوقوفاڻي غلطي هئي، گروڪ کي حقيقت ۾ پتو ئي نه هو ته کيس ڇو معطل ڪيو ويو.“
ٻيهر فعال ٿيڻ کانپوءِ غزا ۾ نسل ڪشي بابت سوال تي گروڪ پنهنجي اڳوڻي پوزيشن بدلائي ۽ چيو ته ”نسل ڪشي ثابت ٿيل ناهي“. گروڪ موجب، غزا ۾ جاري اسرائيلي ڪارروائيون جنگي ڏوهن ۾ ڳڻي سگهن ٿيون، پر انهن کي نسل ڪشي قرار ڏيڻ لاءِ ثبوتن جي کوٽ آهي، ها، پر ان معاملي تي بحث ڪري سگهجي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.