پرتگال ۾ ملڪيتون وٺندڙ آفيسرن جي فهرست طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي پرتگال ۾ بيوروڪريٽس جي ملڪيتن جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل آفيسرن جي فهرست طلب ڪري ورتي.
جنيد اڪبر جي صدارت هيٺ پي اي سي اجلاس ۾ پرتگال ۾ بيوروڪريٽس طرفان ملڪيتون خريدڻ جو نوٽيس ورتو ويو.
ڪميٽي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۽ گهرو وزارت جي لاڳاپيل آفيسرن جي فهرست طلب ڪري ورتي.
اجلاس ۾ يوٽيليٽي اسٽور بند ڪرڻ جي معاملي تي به غور ڪيو ويو ۽ ڪميٽي فيصلو ڪيو ته ان حوالي سان لاڳاپيل کاتن کي طلب ڪيو وڃي.
پي اي سي ميمبر سيد نويد قمر اجلاس ۾ چيو ته حڪومت خاطري ڪرائي هئي ته يوٽيليٽي اسٽور بند نه ٿيندا، ملازمن کي نوڪرين تان نه ڪڍڻ جو واعدو پورو نه ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.