ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سينيئر اداڪار محسن گيلاني انڊسٽري ۾ سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ اداڪار جو نالو ٻڌائي ڇڏيو.
محسن گيلاني اداڪار سان گڏوگڏ هدايتڪار ۽ ليکڪ به آهي ۽ سندس خدمتن تي حڪومت کيس صدارتي ايوارڊ ” پرائيڊ آف پرفارمنس“ سان نوازي چڪي آهي.
ويجهڙ ۾ سينيئر اداڪار محسن گيلاني هڪ انٽرويو ۾ انڊسٽري جي سڀ کان مهانگي اداڪار جو نالو ٻڌايو.
ميزبان طرفان سوال ڪيو ويو ته انڊسٽري ۾ اُهو ڪهڙو اداڪار آهي جيڪو سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺي ٿو؟
ان سوال جي جواب ۾ سينيئر اداڪار چيو ته انڊسٽريءَ ۾ هڪ ئي هيرو هي جيڪو سڀني کان وڌيڪ معاوضو وٺي ٿو، اُهو فواد خان آهي ۽ کيس وڌيڪ معاوضو وٺڻ به گهرجي.
واضح رهي ته فواد خان پاڪستان شوبز انڊسٽري سان گڏوگڏ بالي ووڊ ۾ به پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاري چڪو آهي ۽ سندس ڪم کي سرحد جي پار به ساراهيو ويو آهي، هلندڙ مهيني جي 29 تاريخ تي بالي اداڪارا واني ڪپور سان گڏ فواد خان جي فلم ” عبير گلال“ به رليز ٿي رهي آهي.