سعودي عرب ۾ بليو ڪالر ملازمتن جي خواهشمندن لاءِ وڏي خبر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ بليو ڪالر جابز لاءِ راولپنڊي ۾ پهريون ڀيرو ڊرائيونگ ٽيسٽ جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ 20 اميدوارن جي اسسمنٽ مڪمل ڪئي وئي.
راولپنڊي ۾ ٿيندڙ ڊرائيونگ ٽيسٽ ۾ حصو وٺندڙ 20 اميدوارن موٽر سائيڪل، ڪار ۽ ٽيڪسي جي پريڪٽيڪل ۽ ڪمپيوٽر ٽيسٽ ڏني.
ٽيسٽ ۾ ڪامياب ٿيندر اميدوارن کي سرٽيفڪيٽ جاري ٿيندا، جنهن تحت اهي سعودي عرب ۾ بليو ڪالر جابز جا اهل هوندا.
سٽي ٽريفڪ آفيسر فرحان اسلم ان قدم کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي چيو ته اهو ٻاهرئين ملڪ ۾ روزگار جي خواهشمندن لاءِ بهترين موقعو آهي، شهري قانوني طريقي ڪار تي هلندي پنهنجي خوابن کي حقيقت بڻائين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.