ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي شهرين کي سستي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي توانائي واري وزير ناصر حسين شاهه وڏو اعلان ڪري ڇڏيو.
صحافين سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه اعلان ڪيو ته ڪراچي جي صنعت ۽ رهواسين کي سيپرا تحت سستي بجلي فراهم ڪئي ويندي، اگهه ڪي اليڪٽرڪ جي ڀيٽ ۾ گهٽ هوندا.
هن چيو ته اسان پاڻ بجلي ٺاهينداسين ۽ سنڌ ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني (ايس ٽي ڊي سي) تحت پاڻ پهچ ڪنداسين، جڏهن ته بجلي جا اگهه به اسان پاڻ طئي ڪنداسين.
ناصر شاهه واضح ڪيو ته ايس ٽي ڊي سي جي پهتل بجلي جو نيپرا جي اگهن سان واسطو نه هوندو ۽ اگهه به نيپرا کان گهٽ هوندا، سيپرا ۾ ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي ۽ هلندڙ مهيني ئي نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويندو.
سندس چوڻ هو ته اسان جي بنيادي ڌيان جو مرڪز اڪنامڪ زونز آهن، ڪوشش آهي ته سيپرا تحت بجلي جي پهرين پهچ ڪي فور جي گرڊ کي فراهم ڪئي وڃي.
صوبائي وزير چيو ته اسان سنڌ اسيمبلي مان سيپرا کي آئيني طور منظور ڪرايو آهي، هاڻ ڪراچي جا شهري به سستي بجلي حاصل ڪري سگهندا پر پهچ جو نظام ايس ٽي ڊي سي وٽ هجڻ گهرجي.
هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي بورڊ ۾ سنڌ جي نمائندگي ناهي، وفاق جا ٽي ڊائريڪٽر آهن، وفاق کي چيو آهي ته هڪ نمائندو وفاق جو هجي باقي ٻه سنڌ جا هجن.
ناصر شاهه چيو ته سنڌ حڪومت جو ڪي اليڪٽرڪ کي سولر پارڪس ذريعي سستي بجلي فراهم ڪرڻ جو معاهدو ٿيو آهي، ڪي اليڪٽرڪ کي چيو آهي ته سولر سان جڏهن بجلي ٺهي رهي آهي ته مهانگي ٻارڻ واري بجلي نه خريد ڪيو.
You might also like