رياض (ويب ڊيسڪ) پرتگال جي ليجنڊري فٽبال ڪرسٽيانو رونالڊو پنهنجي گرل فرينڊس جارجينا روڊريگيز کي شادي جي آڇ ڪري ڇڏي.
31 ورهين جي اسپينش ماڊل جارجينا روڊريگيز انسٽاگرام تي پنهنجي ۽ رونالڊو جي هٿن جي تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ کيس مُنڊي پاتل نظر اچي رهي هئي.
جارجينا پنهنجي پوسٽ ڪي ڪيپشن ۾ لکيو ته ”مان ها ڪريان ٿي، هن حياتي ۾ به ۽ پنهنجي سمورين زندگين به توساڻ ئي هونديس.“
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪرسٽيانورونالڊو جارجينا کي اوول ڪٽ ڊائمنڊ مُنڊي سان پرپوز ڪيو، جنهن جي قيمت 4 ملين آمريڪي ڊالرز کان وڌيڪ ٻڌائي وڃي ٿي.
ياد رهي ته هي پهريون موقعو ناهي، جارجينا روڊريگيز پهريان به مختلف موقعن تي مُنڊي جي تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري چڪي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ڪرسٽيانورونالڊو 2020 ۾ جارجينا روڊريگيز کي مشهور برانڊ ڪارٽيئر جي مُنڊي ڏني هئي، جنهن جي قيمت ان وقت لڳ ڀڳ 6 لک 15 هزار پائونڊ ڄاڻائي وئي هئي.
ڪرسٽيانورونالڊو ۽ سندس گرل فرينڊ جارجينا 2016 کان رومانوي لاڳاپن ۾ آهن، ٻنهي کي ٻن نياڻين جو اولاد آهي، جڏهن ته رونالڊو کي مجموعي طور تي پنج ٻار آهن.