نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) مودي جي انتهاپسند جماعت ڀارتيا جنتا پارٽي جي اڳواڻ ۽ بالي ووڊ اداڪار مٿن چڪرورتي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي تازي بيان تي ردعمل ڏنو آهي.
ڪلڪتي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مٿن چڪرورتي چيو ته جيڪڏهن اهي اهڙيون ڳالهيون ڪندا رهيا ۽ اسان جو مٿو ڦري ويو ته پوءِ هڪٻئي پويان براهموس ميزائل هلندا.
واضح رهي ته بلاول ڀٽو زرداري گذريل ڏينهن ڀارت کي سنڌ طاس معاهدي جي معطلي تي سخت وارننگ ڏيندي چيو هو ته پاڪستاني عوام ۾ ايتري طاقت آهي جو اهو نه رڳو جنگ ۾ ڀارت جو مقابلو ڪري سگهن ٿا پر 6 درياهه واپس به حاصل ڪري سگهن ٿا، اسان پوئتي هٽڻ ۽ جهڪڻ وارا ناهيون.
اسان جو مٿو ڦري ويو ته پوءِ هڪٻئي پويان براهموس ميزائل هلندا: مٿن جي بلاول کي ڌمڪي
You might also like