جينيفر لوپيز جي ڪپڙن ۾ ڪيڙو گهڙي ويو، پوءِ ڇا ٿيو؟ وڊيو وائرل

آستانا (ويب ڊيسڪ)مشهور آمريڪي گلوڪارا جينيفر لوپيز جي ڪپڙڻ ۾ ڪيڙو گهڙي ويو، جنهن جي وڊيو وائرل ٿي وئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، هي واقعو هلندڙ هفتي جينيفر لوپيز جي قازقستان ۾ ٿيل ڪانسرٽ دوران پيش آيو.
وڊيو ۾ جينيفر لوپيز کي وچ اسٽيج تي پرفارم ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، ان دوران اوچتو سندس ڪپڙن جي اندارن ڪيڙو نڪري آيو، جيڪو ڏسندي ئي ڏسندي گلوڪارا ڳچيءَ تائين پهچي ويو.
جينيفر بنا ڊپ ۽ گهٻرائڻ جي پر اعتماد نموني هڪ هٿ استعمال ڪندي ڪيڙي کي هيٺ اُڇلائي ڇڏيو.
گلوڪاره جي ان ردعمل دوران سندس پرفارمنس تي به ڪو اثر نه پيو، جڏهن ته بعد ۾ گلوڪاره مرڪندي مداحن کي ٻڌايو ته ”هي ڪيڙو مون کي تنگ ڪري رهيو هو.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.