ڀارت، فيلڊ مارشل جي آمريڪي دوري ۽ وائيٽ هائوس ۾ تاريخي آجيان تي ڪاوڙيل: فنانشل ٽائيمز

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي اخبار فنانشل ٽائيمز چيو آهي ته ڀارت، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي آمريڪي دوري دوران وائيٽ هائوس ۾ پاڪستان کي ڏنل موٽ تي ڪاوڙيل آهي .
رپورٽ موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير آمريڪا ۾ جنرل مائيڪل ڪوريلا جي رٽائرمينٽ تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات به ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ايران-اسرائيل تڪرار جي پرامن حل تي زور ڏنو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير جي دوري کانپوءِ پاڪ-آمريڪا لاڳاپن ۾ غيرامڪاني اڳڀرائي ٿي ۽ آمريڪا، پاڪستان کي خطي ۾ اسٽريٽجڪ ثالث طور ڏسي رهيو آهي.
رپورٽ موجب، آمريڪي صدر پاڪستان جي تيل جي ذخيرن جي ترقي لاءِ معاهدي جو واعدو ڪيو، جڏهن ته پاڪستان، آمريڪا کي خاص طور توانائي، معدنيات ۽ ڪرپٽو ۾ سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيش ڪيا.
رپورٽ ۾ اِهو به چيو ويو آهي ته ڀارت پاڪستان جي وائيٽ هائوس ۾ پذيرائي مان خوش ناهي، مودي ۽ ٽرمپ ۾ ڇڪتاڻ جون خبرون به سامهون آيون آهن، جڏهن ته آمريڪا ڀارت تي 50 سيڪڙو سخت واپاري ٽيرف لاڳو ڪيا آهن، جڏهن ته پاڪستان لاءِ اهو شرح 19 سيڪڙو آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته پاڪستان ”ورلڊ لبرٽي فنانشل“ سان ڪرپٽو ٽوڪنز لاءِ مفاهمتي ياداشت تي صحيح ڪئي ۽ ڪرپٽو ۽ بلاڪ چين واري وزير بلال بن ثاقب واشنگٽن ۾ تجارتي ڳالهين ۾ حصو ورتو.
ايشيا پيسيفڪ فائونڊيشن جي سينيئر فيلو مائيڪل ڪوگل مين موجب، پاڪ-آمريڪا لاڳاپن ۾ جيڪي تبديليون اچي رهيون آهن، اهي حيران ڪندڙ آهن.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو آهي ته پاڪستان هڪ ئي وقت آمريڪا، چين، ايران، نار وارن ملڪن ۽ روس سان لاڳاپا قائم رکيا، ۽ داعش جي هڪ اعليٰ دهشتگرد جي گرفتاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.