ميٽا جي ملڪيت پيغام رسائيندڙ ايپليڪيشن واٽس ايپ ۾ هاڻي هڪ نئون فيچر شامل ٿي رهيو آهي، جيڪو ڪنهن جادوئي فلم جهڙوڪ هيري پوٽر مان متاثر لڳي ٿو.
اينڊرائيڊ ڊوائيسز لاءِ واٽس ايپ جي نئين بيٽا ورزن ۾ شامل ڪيل ”موشن فوٽو” فيچر ذريعي ڪا به ساڪت تصوير بلڪل آءِ فون جي لائيو فوٽوز جيان متحرڪ ٿي سگهي ٿي.
ان فيچر سان تصوير ڪڍن کان اڳ وارا ڪجهه سيڪنڊ ۽ ان کان پوءِ وارا ڪجهه سيڪنڊ فوٽو ۾ محفوظ ٿي ويندا، جنهن سان تصوير هڪ ننڍڙي وڊيو وانگر محسوس ٿيندي ۽ ان ۾ آواز به شامل ڪري سگهبو.
نئين فيچر جي استعمال ڪرڻ جو طريقو به سولو آهي، واهپيدار کي سڀ پهرين واٽس ايپ کولڻو پوندو، اتان کان گيلري ۾ وڃي کين مٿي کاٻي پاسي موجود موشن آئڪن تي ڪلڪ ڪرڻو پوندو پوءِ تصوير متحرڪ ٿي ويندي.
هن وقت ۾ اهڙي قسم جون تصويرون موڪلڻ لاءِ واهپيدارن کي ٿرڊ پارٽي ايپس استعمال ڪرڻيون پونديون آهن، پر هن فيچر ذريعي واٽس ايپ ۾ سڌو سنئون ”ِجي آءِ ايف “ تصويرون ٺاهي دوستن سان شيئر ڪري سگهبيون.
هي فيچر في الحال رڳو محدود بيٽا واهپيدارن لاءِ موجود آهي، ۽ اڃا پڪ ناهي ته سڀني لاءِ ڪڏهن دستياب ٿيندو، پر اميد آهي ته تمام جلد جاري ڪيو ويندو.