ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران بئنچ جي سربراهه جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو وڌيڪ ٻڌڻي کان معذرت ڪري ڇڏي، جنهن بعد ڪيس وڌيڪ ڪارروائي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ڏانهن موڪليو ويو.
اِها درخواست اپوزيشن ليڊر سٽي ڪائونسل ۽ 9 ٽائون چيئرمينز طرفان داخل ڪئي وئي هئي.
ٻڌڻي دوران نيپرا پنهنجي جمع ڪرايل جواب ۾ موقف اختيار ڪيو ته درخواست گذارن متبادل فورم موجود هوندي به عدالت سان رابطو ڪيو، تنهنڪري درخواست ٻڌڻي جوڳي نه قرار ڏئي رد ڪئي وڃي.
نيپرا موجب، ٽائون چيئرمين لياقت آباد طرفان لوڊشيڊنگ بابت شڪايت تي ڪيتريون ئي ٻڌڻيون ٿيون، جن مان هو رڳو هڪ ۾ پيش ٿيو. نيپرا اڳ ئي ڪي اليڪٽرڪ کي علائقي ۾ ترسيل نظام اپگريڊ ڪرڻ جي هدايت ڏئي چڪو آهي.
نيپرا وڌيڪ ٻڌايو ته ڪمرشل بنيادن تي لوڊشيڊنگ قانون جي ڀڃڪڙي آهي، 2023 ۾ ڪي اليڪٽرڪ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو، جڏهن ته 2024 ۾ لائن لاسز جي بنياد تي لوڊشيڊنگ تي 5 ڪروڙ رپيا هنيو ويو، جنهن خلاف ڪي اليڪٽرڪ اسٽي آرڊر حاصل ڪيو.
نيپرا جو چوڻ هو ته عدالتي حڪمن موجب ڪي اليڪٽرڪ کي سروي جا حڪم ڏنا ويا آهن ۽ صورتحال جي مانيٽرنگ جاري آهي، ڪنهن به قسمجي ڀڃڪڙي تي قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
ان کانپوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 12 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.