رياض (ويب ڊيسڪ) فلسطيني صدر محمود عباس ۽ سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي، جنهن ۾ فلسطيني ڪاز، موجوده صورتحال ۽ مختلف چئلينجن تي ڳالهه ٻولهه ٿي.
سعودي ميڊيا موجب، ٻنهي اڳواڻن غزا پٽي جي صورتحال، ان جي سيڪيورٽي ۽ انساني اثرن تي به بحث ڪيو، جڏهن ته سعودي ولي عهد فلسطيني عوام خلاف ٿيندڙ ڏوهن جي مذمت ڪئي.
محمود عباس ۽ محمد بن سلمان وچ ۾ عالمي برادري تي انساني بحران کي منهن ڏيڻ ۽ شهري آبادي جي تحفظ جي ضرورتن تي زور ڏيڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿي، فلسطيني صدر شاهه سلمان ۽ ولي عهد جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.
ڳالهه ٻولهه دوران 22 سيپٽمبر تي نيويارڪ ۾ ٿيندڙ عالمي امن ڪانفرنس جي تيارين تي به ويچار ونڊيا ويا.
محمود عباس چيو ته سعودي ولي عهد جي ڪوششن سان ڪيترن ئي ملڪن فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي.
ان کانسواءِ سعودي ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان سان يوڪريني صدر والاديمير زيلنسڪي جو فون تي رابطو ٿيو، جنهن ۾ يوڪرين جنگ تي ڳالهيون ٿيون.
سعودي ميڊيا موجب، محمد بن سلمان روس-يوڪرين تڪرار جي حل ۽ ڳالهين لاءِ ڪوششن جي حمايت جو عزم ورجايو، جڏهن ته يوڪريني صدر امن جي حمايت بابت سعودي عرب جي ڪردار جي تعريف ڪئي.