لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي ڪيسن ۾ سزا يافته پي ٽي آءِ اڳواڻن جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت شادمان ٿاڻي کي باهه ڏيڻ سميت ٻن ڪيسن ۾ گذريل ڏينهن ٻڌايل فيصلي جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.
عدالتي فيصلي موجب، عدالت سڀني ڏوهارين کي سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي ۽ حڪم ڏنو ته جوابدارن کي پنهنجون سڀئي سزائون هڪ ئي وقت ڀوڳڻيون پونديون.
عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻن اعجاز چوڌري، محمود الرشيد، عمر سرفراز ۽ ياسمين راشد جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.
ٻئي پاسي عدالت 9 مئي جي ٻن ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.
ياد رهي ته اي ٽي سي گذريل ڏينهن پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي شاهه محمود قريشي کي ٻنهي ڪيسن مان بري ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته اڳوڻي گورنر عمر سرفراز چيما، اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، ميان محمود الرشيد ۽ اعجاز چوڌري کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.
عدالت پوليس اسٽيشن کي باهه ڏيڻ جي ڏوهه ۾ عاليه حمزه ۽ صنم جاويد کي 5-5 سال قيد جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته عائشه ڀُٽه کي پوليس جي گاڏين کي باهه ڏيڻ جي ڏوهه ۾ 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.
نوَ مئي ڪيسن ۾ سزا يافته پي ٽي آءِ اڳواڻن جون ملڪيتون ضبط ۽ شاهه محمود کي آزاد ڪرڻ جو حڪم
You might also like