ڪراچي واسين لاءِ خوشخبري، شهر لاءِ پاڻي جو وڏو منصوبو مڪمل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي واسين لاءِ خوشخبري آهي ته نئون حب ڪينال مڪمل ٿي ويو آهي.
سنڌ حڪومت جي ترجمان موجب، 24 سالن بعد شهر ۾ پاڻي جو هڪ وڏو منصوبو مڪمل ڪيو ويو آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ايندڙ اربع ڏينهن منصوبي جو افتتاح ڪندو. 22.4 ڪلوميٽر ڊگهي نئين حب ڪينال جي تعمير ڪئي وئي آهي، جنهن ذريعي شهر کي روزانو 10 ڪروڙ گيلن پاڻي فراهم ڪيو ويندو. نئون حب ڪينال رڳو نون مهينن جي مختصر مدي ۾ تيار ڪيو ويو آهي.
منصوبي تي 12 ارب 50 ڪروڙ رپيا خرچ آيو آهي، جڏهن ته حب ڪينال ون جي به ٻيهر بحالي جو ڪم جاري آهي، جنهن جو 5 ڪلوميٽر حصو بحال ڪيو ويو آهي. حب ڪينال ون جي مڪمل بحالي تي ساڍا 12 ارب رپيا خرچ ايندو.
ترجمان سعديه جاويد موجب، منصوبو ڪراچي جي پاڻي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.