راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف فِيلڊ مارشل عاصم منير جي آمريڪا جي دوري سان پاڪستان جي موقف کي عالمي سطح تي ڀرپور موٽ ملي آهي.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته فِيلڊ مارشل جي ڪامياب فوجي سفارتڪاري سان ڀارت جو دهشتگرداڻو چهرو عالمي سطح تي وائکو ٿيو، آمريڪا جو بي ايل اي ۽ مجيد بريگيڊ کي دهشتگرد تنظيمون قرار ڏيڻ آرمي چيف جي ڪوششن جو نتيجو آهي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، ڀارتي اسپانسرڊ ”فتنه الهندوستان“ کي عالمي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ سان ڀارت جو اصل چهرو دنيا آڏو بينقاب ٿيو، آمريڪا جو تازو فيصلو پاڪستان جي موقف جي عالمي سطح تي تصديق آهي، ڀارت جا دهشتگرداڻا ارادا نه رڳو خطي پر عالمي امن لاءِ به خطرو آهن.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ فتنه الهندوستان سان سڌي ريت رابطا قائم ڪيا، ڪلڀوشن يادو جي گرفتاري ڀارت جي رياستي سرپرستي ۾ دهشتگردي جو واضح ثبوت آهي، جڏهن ته ڀارت پاڪستان خلاف دهشتگرداڻي ڪاررواين لاءِ فتنه الهندوستان کي مالي مدد فراهم ڪئي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب ڀارت فتنه الهندوستان جي دهشتگردن کي پنهنجي ملڪ ۾ علاج جون سهولتون ڏنيون، جڏهن ته مودي ۽ اجيت دوول بلوچستان ۾ فتنه الهندوستان سان پنهنجن لاڳاپن جو کليل اعتراف ڪيو ۽ ڀارتي گودي ميڊيا فتنه الهندوستان جي دهشتگرد ڪاررواين کي جواز مهيا ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي.
”آمريڪا جو بي ايل اي ۽ مجيد بريگيڊ کي دهشتگرد تنظيمون قرار ڏيڻ فيلڊ مارشل جي ڪوششن جو نتيجو آهي“
You might also like