هاڻوڪو آرمي چيف 2035 تائين رهندو؟

اسلام آباد/لاهور (امداد سومرو) فيصل واوڊا ٽوئيٽ ڪيو آهي ته مدي ۾ واڌ نه پر تسلسل جاري رهندو. هن رهندو 3 ڀيرا لکيو آهي. يعنيٰ آرمي چيف کي جڏهن نئين قانون تحت 5 سالن لاءِ مقرر ڪيو ويندو ته اهو سندس پهريون مدو هوندو ۽ نئين قانون موجب هو 5 سالن جي واڌ به وٺي سگهندو. اهڙي ريت سندس هاڻوڪو مدو، ٻيهر مقرري ۽ پوءِ واڌ ٽي ڀيرا ٿين ٿا. اهي ڳالهيون اسلام آباد ۾ به ٿي رهيون هيون. يعنيٰ هاڻوڪو آرمي چيف 2035 تائين رهندو ۽ اهو سڀ کان ڊگهو مدو ماڻيندڙ هوندو.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، اڱارو 12 آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.