ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي اداڪارا اريج فاطمه پنهنجي مداحن کي ڪينسر مان صحتياب ٿيڻ جي سٺي خبر ٻڌائي ڇڏي.
اريج فاطمه انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪندي هن ٻڌايو ته هوءَ ڪينسر ۾ مبتلا هئي پر هاڻي مڪمل طور تي ٺيڪ ٿي وئي آهي.
وڊيو ۾ اريج پنهنجي ڪينسر سان ويڙهاند جي ڪهاڻي شيئر ڪندي ڪجهه تصويرون پڻ پوسٽ ڪيون.
پنهنجي پوسٽ ۾ اداڪارا لکيو ته زندگيءَ جو گذريل دور تمام سٺو هيو، هوءَ زندگي کي گهڻو سنجيدگي سان نه وٺندي هئي ۽ سمجهندي، پر هڪ ڏينهن ۾ سڀ ڪجهه بدلجي ويو.
اريج چيو ته هن پنهنجي زندگيءَ لاءِ وڏي ويڙهه وڙهي ۽ هن پنهنجي بيماري بابت پهرين انڪري نه ٻڌايو ته ڇو ته کيس ڊپ ٿيندو هو ته ماڻهو کيس مختلف نظر سان ڏسندا.
اداڪارا موجب، هن کي هڪ ناياب ۽ خطرناڪ قسم جو ڪينسر (Choriocarcinoma) ٿيو، جيڪو عام طور تي رحم ۾ غير معمولي ٽيشو جي ڪري پيدا ٿئي ٿو ۽ جلدي جسم جي ٻين حصن تائين پکڙجي سگهي ٿو.
هن چيو ته هن وڏي سرجري به ڪرائي، جڏهن هوءَ ڪينسر سان جهيڙي رهي هئي تڏهن کيس خبر نه هئي ته هوءَ ان بيماريءَ مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهندي يا نه ۽ ذهن ۾ رڳو ٻه خيال هوندا هئا، هڪ پنهنجي رب سامهون پيش ٿينديس ۽ ٻيو پنهنجي خاندان جو مستقبل ڇا ٿيندو؟
اداڪارا چيو ته بيماريءَ جي ڏينهن ۾ مان الله جي ويجهو ٿيس.
ياد رهي ته اريج فاطمه 2019 ۾ ڊراما ”حسد” جي ڪاميابي کانپوءِ شوبز کي الوداع چئي چڪي آهي، اداڪارا 2017 ۾ ڊاڪٽر عزير علي سان شادي ڪئي، کيس ٻن پٽن جو اولاد آهي ۽ هوءَ هاڻ آمريڪي رياست اوهايو شفٽ ٿي چڪي آهي.