ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڊمپر جي ٽڪر ۾ ڀاءُ ڀيڻ جي فوت ٿيڻ جي واقعي ۾ جوابدار ڊرائيور کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو.
راشد منهاس روڊ تي ڊمپر جي ٽڪر ۾ ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي چٿيندڙ ڊرائيور کي جڊيشل ميجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار وٽ هيوي ٽريفڪ لائسنس ناهي مليو، وٽس ايل ٽي وي لائسنس آهي، جيڪو 2016 ۾ ايڪسپائر ٿي چڪو آهي، جوابدار کان ڊمپر جي مالڪ جي حوالي سان پڇا ڳاڇا ڪرڻي آهي.
هن ٻڌايو ته حادثي کانپوءِ عوام جي تشدد سان جوابدار کي اک ۾ ڌڪ لڳو، واقعي جو ڪيس يوسف پلازا ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي.
عدالت جوابدار کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.