باجوڙ ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن: 27 علائقن ۾ ڪرفيو لاڳو

باجوڙ (ويب ڊيسڪ) باجوڙ جي تعلقي ماموند جي 27 علائقن ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن کي نظر ۾ رکندي 3 ڏينهن لاءِ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي.
ضلعي انتظاميا موجب، اڄ صبح 11 وڳي کان رات 11 وڳي تائين تعلقي ماموند ۾ ڪرفيو لاڳو رهندو.
ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ٽارگيٽڊ آپريشن جي سبب تعلقي جي 27 علائقن ۾ 3 ڏينهن لاءِ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي.
ضلعي انتظاميا طرفان اپيل ڪئي وئي آهي ته شهري پنهنجي سرگرميون بند ڪري ڪرفيو دوران پنهنجي گهرن ۾ رهن.
ٻئي پاسي خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي سڌ سماءُ بابت صلاحڪار بئريسٽر بيرسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته صوبي ۾ ڪرفيو جا افواهه مڪمل طور غلط آهن، صوبي ۾ زندگيءَ جو ڪاروهنوار معمول موجب جاري آهي ۽ ڪرفيو جهڙي ڪا صورتحال ناهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪرفيو رڳو باجوڙ ۽ ميران شاهه جي مخصوص علائقن تائين محدود آهي ۽ ڪرفيو جون خبرون سياسي پروپئگنڊا ۽ عوام کي ورغلائڻ ڪرڻ جي ڪوشش آهن ۽ افواهه پکيڙيندڙ صوبي جي امن ۽ ترقيءَ کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.