انسانيت جو وڏو مثال، عورت پنهنجي پهاڄ کي جگر عطيو ڪري ڇڏيو

طائف (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي شهر طائف ۾ هڪ غير معمولي واقعو پيش آيو، جتي پهرين زال پنهنجي مڙس جي ٻي زال لاءِ قرباني ڏئي هڪ وڏو مثال ڪري ڇڏيو.
گلف نيوز جي رپورٽ موجب، نورا سالم الشمري نالي عورت، جيڪي ماجد بلده الروقي جي پهرين زال آهي، پنهنجي مڙس جي ٻي گهرواري تغريد عوض السعدي کي جگر عطيو ڪيو.
ميڊيا رپورٽن موجب، تغريد عوض ڊگهي عرصي کان ڊائلائسز تي هئي ۽ سندس ٻئي گردا مڪمل طور تي ناڪاره ٿي چڪا هئا.
گردن جي خراب ٿيڻ سبب تغريد جو جگر به سخت متاثر ٿيو هو.
ماجد پنهنجي زال جي علاج لاءِ آمريڪا تائين سفر ڪيو، پر ڦڪين فرق نه ڪيو، نيٺ مڙس ٻي زال کي پنهنجو هڪ گردو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.
رپورٽن موجب، پنهنجي مڙس جي قرباني ڏسي پهرين زال نورا الله جي رضا لاءِ پنهنجي 80 سيڪڙو جگر سندس ٻي گهرواري کي عطيو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
ڊاڪٽرن جي طبي معائني کانپوء ِٻنهي جو رت ميچ ٿي ويو، جنهن کان پوءِ ڪامياب آپريشن ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.