ملڪ رياض جو گهيرو تنگ، نيب بحريه ٽائون جي رهواسين لاءِ اهم پيغام جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) بحريه ٽائون اسلام آباد جي رهواسين ۽ مالڪن کي خاطري ڪرائي آهي ته سندن سمورا قانوني حق، ملڪيتون ۽ سيڙپڪاري محفوظ آهن.
نيب جي بيان موجب، ڪجهه مخصوص عنصرن طرفان پکيڙيل خبرون رڳو رهواسين ۽ مالڪن کي پريشان ڪرڻ ۽ سندن ملڪيتون گهٽ قيمت تي خريدڻ جي سازش آهن.
بيان موجب، ڄاڻايل رهواسي ۽ مالڪن کي به نيب متاثر قرار ڏنو آهي، جن سان دوکو ۽ فراڊ ٿيو آهي ۽ نيب سندن حقن جي حفاظت لاءِ مڪمل طور تي ڪم ڪري رهيو آهي.
نيب واضع ڪيو آهي ته بحريه ٽائون خلاف جاري ڪارروايون صرف مالڪن ۽ سندن جي جائيداد تائين محدود آهن ۽ نيب جو ارادو آهي ته جيستائين اِهي ماڻهو قانون جي اڳيان پيش ٿي پنهنجي لُٽيل رقم واپس نٿا ڪن، ڪارروائي بنا ڪنهن دٻاءَ جي جاري رهندي.
نيب چيو ته سڀ رهواسي ۽ مالڪن کي هدايت ڪئي وڃي ٿي ته هو ڪنهن به ناڪاري يا چڙڏياريندڙ معلومات تي ڌيان نه ڏين ۽ پنهنجي زندگي معمول موجب سڪون سان گذارين، ڪنهن به شڪي عمل بابت فوري طور نيب کي اطلاع ڏين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.