نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) نئين دلي پوليس لوڪ سڀا ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ ڪانگريس جي اڳواڻ راهل گانڌي، پريانڪا گانڌي ۽ ٻين ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪري ٻن ڪلاڪن بعد آزاد ڪري ڇڏيو.
نئين دهلي ۾ پارليامينٽ هائوس کان اليڪشن ڪميشن تائين مارچ ڪندڙ اپوزيشن اتحاد” انڊيا“ جي ميمبرن کي روڪي، ڪجهه ميمبرن سميت راهل گانڌي کي گرفتار ڪيو ويو.
ميڊيا سان ڳالهائيندي راهل گانڌي چيو ته ” حقيقت اها آهي ته هو ڳالهائي نٿا سگهن. سچ ملڪ جي آڏو آهي، هيءَ سياسي ويڙهه ناهي، هيءَ ويڙهه آئين جي تحفظ لاءِ آهي. اها هڪ ماڻهو، هڪ ووٽ جي حق لاءِ آهي، اسان کي صاف ۽ شفاف ووٽر لسٽ گهرجي.“
واضح رهي ته دهلي پوليس ”انڊيا“ بلاڪ جي پارليامينٽ ميمبرن سميت راهل گانڌي، پريانڪا گانڌي واڊرا، سنجي راوت ۽ ساگريڪا گھوش کي گرفتار ڪيو هو.
مخالف ڌر اتحاد جا اڳواڻ ”ايس آءِ آر“ خلاف احتجاج ڪري پارليامينٽ کان اليڪشن ڪميشن آف انڊيا تائين مارچ ڪري رهيا هئا.
اپوزيشن جي احتجاج تي ردعمل ڏيندي بي جي پي اڳواڻ ڌرميندر پرڌان چيو ته ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪو آئين خلاف ڪم ڪري رهيو آهي ته ان جو اڳواڻ راهل گانڌي آهي.
هن چيو ته ايس آءِ آر پهريون ڀيرو ناهي ٿي رهيو. اهو اليڪشن ڪميشن جو باظابطا عمل آهي. ڪانگريس پارٽي اڳ ۾ ئي اي وي ايم تي ڪوڙ ڳالهائي ٿي، ڪڏهن مهاراشٽر جو مسئلو کڻي اچي ٿي، ڪڏهن هرياڻا جو. هو ڪوڙ جو جبل کڙو ڪن ٿا.“
ياد رهي ته گذريل خميس کي راهل گانڌي هڪ پريس ڪانفرنس ۾ اليڪشن ڪميشن تي سنگين الزام لڳايا هئا.
هن دعويٰ ڪئي هيئ ته لوڪ سڀا چونڊن ۽ مهاراشٽر ۽ هرياڻا جي اسيمبلي چونڊن ۾ ووٽر لسٽ ۾ وڏي پئماني تي ڌاندلي ٿي آهي.
هن چيو ته ”مشين ريڊ ايبل ووٽر لسٽ مهيا نه ڪرڻ اهو ثبوت آهي ته اليڪشن ڪميشن مهاراشٽر ۾ ووٽ چوري ڪرڻ لاءِ بي جي پي سان ڳٺ جوڙ ڪئي آهي.“
اليڪشن ڪميشن راهل گانڌي جي الزامن کي ” ورغلائيندڙ “قرار ڏيندي چيو ته هو پنهنجو شڪايت لکت ۾ ڪريڪٽس جي چيف اليڪٽورل آفيسر ڏانهن اُماڻي.
You might also like