ڊاڪٽر رٿ فائو جهڙيون شخصيتون صدين ۾ پيدا ٿينديون آهن:وڏو وزير

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڊاڪٽر رٿ فائو پنهنجي سڄي زندگي انسانيت لاءِ وقف ڪئي. ڊاڪٽر رٿ فائو جي اٺين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعليٰ سنڌ چيو ته ڊاڪٽر رٿ فائو جهڙيون شخصيتون صدين ۾ هڪ ڀيرو جنم وٺن ٿيون.وزيراعليٰ سنڌ، ڊاڪٽر رٿ فائو جي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته  ڊاڪٽر رٿ فائو جون خدمتون ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگهجن هوءَ سنڌ ۽ پاڪستان جو فخر هئي۔ مراد علي شاهه چيو ته ڊاڪٽر رٿ فائو جي بي مثال ڪوششن جي نتيجي ۾ پاڪستان کي ڪوڙهه جي مرض کان پاڪ ملڪ قرار ڏنو ويو.  هن چيو ته سول اسپتال جو نالو تبديل ڪري ڊاڪٽر رٿ فائو  جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.