لاڙڪاڻو(ن ع آ) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آھي تہ سنڌ اسيمبلي ۾ ميمبرن جي پگھارن ۾ واڌ وارو بل مھانگائي غربت ۽ ڌاڙيل راڄ جي ماريل سنڌ واسين جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي، جماعت اسلامي جي واحد ايم پي اي محمد فاروق فرحان ان بل جي مخالفت ڪئي.حڪومت جي نااهلي ڪري سنڌ لاقانونيت ۽ بدامني جي باھ ۾ ٻري رھي آھي.سنڌ ۾ ڦرون ڌاڙا اغوا ۽ معصوم ٻارڙن جو اغوا جا واقعا معمول بڻجي ويا آھن اھڙن خيالن جو اظهار ھن ھتي لاڙڪاڻي ڊويزن جي عھديدارن جي اجلاس کي خطاب دوران ڪيو.جنھن ۾ جيڪب آباد، شڪارپور، ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ، قمبر ايٽ شھدادڪوٽ، دادو ۽ لاڙڪاڻي جا ضلعي امير، جنرل سيڪريٽريز، يوٿ صدورن شرڪت ڪئي.جڏھن تہ سنڌ جا اڳواڻ حافظ نصرالله چنا،محمد يوسف، امداد اللہ بجاراڻي ۽ زاھد حسين راجپر پڻ موجود ھئا.ھن وڌيڪ چيو ته سکر بيراج جي دروازن جي مرمت ۾ 22ارب رپيا خرچ ڪرڻ باوجود صورتحال خراب ۽ ٿرپارڪر ۾ آرو پلانٽس جي سار سنڀار نالي تي 19ڪروڙن جي ڪرپشن مرادعلي شاھ حڪومت جي منھن تي چماٽ آھي. سنڌ حڪومت ڪرپشن ۽ وسيلن جي نيلامي ۾ ڪا گھٽتائي ناھي ڪئي.