ڪارپوريٽ فارمنگ،ڪرپشن،بدامني خلاف قومي عوامي تحريڪ جا پنجين ڏينهن به مظاهرا

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) پاڻي تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪرپشن، ڏوھن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي پنجين ڏينھن حيدرآباد جي علائقي نيو سٽي چوڪ وٽ مظاھرو ڪيو ويو. احتجاج ۾ سنڌياڻي تحريڪ جون ڪارڪن پڻ شريڪ ھيون. احتجاج جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي آرگنائيزر نذير بليدي، بابو ميمڻ، معشوق چانڊيو، رب ڏنو ملڪ، زاھد ڀنڀرو، نور حسن جمالي، چيتن ڪمار، پرويز چانڊيو ۽ والجي ٺاڪر ڪئي. جڏھن ته سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون،نصرت خاصخيلي، خادم سمون ۽ الطاف خاصخيلي پڻ شرڪت ڪئي.جھڏو ۾ الطاف ڀرڳڙي، ارباب نوحاڻي،ليار ريٻاري، ڀيمراج ڀيل حاڪم لال  مڪيش ڀيل نارائن ڀيل ۽  ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مقصودو رند ۾ محمود رخشاڻي، ايڊووڪيٽ صدام کوسو، ڏاڙهون مل، حضور بخش ڏاھري، ممتاز رند، نواب ڏاھري، ڪامل جمالي، حسن کوسو، بلاول ڏاهري مويا شھر  ۾ھاشم ڪنڀر، علي مردان رند،حنيف باگراڻي، رمضان رند، دلدار رند، منظور رند، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن پروين رند، آمنه ڪنڀر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو،  ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي اقتدار عيوض سنڌو درياھ، زمينون ۽ وسيلا وڪڻي ڇڏيا آھن. ڪرپشن سمورن ادارن کي کوکلو ڪري ڇڏيو آھي. ميرٽ جي لتاڙ ڪاروبار بنجي ويو آھي نظير بليدي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي سنڌ کي بنجر ۽ ڀڙڀانگ بنايو ويو آھي. نصرت خاصخيلي چيو ته  اڌ سنڌ ڌاڙيلن جي حوالي آھي، باقي سنڌ به ڏوھارين ۽ منشيات فروشن جي رحم ۽ ڪرم تي آھي، الطاف خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته نوڪريون ۽ ڊگريون وڪامن ٿيون. ميرٽ جي لتاڙ منافعي بخش ڪاروبار بنجي ويو آھي. ھوڏانھن  قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ نامياري وڪيل اياز لطيف پليجي نوشهروفيروز جي ڳوٺ طالب سولنگي جي رھواسي محصوم نينگر خميسو وڳڻ سان منشيات فروشن پاران ڪيل جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائڻ بعد کيس بيدردي سان قتل ڪرڻ تي انتھائي ڏک، افسوس ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته  سنڌ ۾ ٻارن، عورتون ۽ اقليتي ماڻھو محفوظ ناھن انھن کي اغوا ڪري جنسي زيادتي ۽ بدتر تشدد جو نشانو بڻائي کين بي گناھ قتل ڪيو وڃي ٿو اھڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ قانون ته موجود آھي پر انھن تي عمل نٿو ڪيو وڃي. هن چيو ته  سڄي سنڌ منشيات جو ڳڙھ بڻجي وئي آھي ، سنڌ حڪومت سان واسطو رکندڙ وزير، صلاحڪار ايم پي اي ۽ ايم اين اي منشيات فروشن جا سولتھڪار بڻيل آھن،هن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ کي ترقي بدران منشيات، بدامني لاقانونيت ۽ ڪرپشن ذريعي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي ٻئي پاسي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ترجمان اشرف پليجي پنهنجي پريس پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي اڄ پاڻي تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمن، ڪرپشن، ڏوھن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻهن جي ريلي ٺٽو ضلعي جي ساحلي پٽي واري شهر ڳاڙهو ۾ پيادل شارٽ مارچ ڪري مين بس اسٽاپ وٽ جلسي عام ڪيو ويندو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.