ڪراچي(ع آ نيوز) سنڌ جي ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ اربين رپين جي بي قاعدگين جو انڪشاف ٿيو آهي، ورڪرز ويلفيئر بورڊ سنڌ جي ميمبرن 3 ۽ 11 مارچ 2025 تي صوبائي وزير کي خط لکي اربين رپين جي بي قاعدگين تي اعتراض اٿاريا، ميمبرن نشاندهي ڪئي ته 10 هزار اي-بائيڪس لاءِ 3 ارب جي ڪاٿي جي منظوري نه ڏني وئي، اهڙيءَ طرح ڪلفٽن ۾ 50 ڪروڙ ماليت جي آفيس 80 ڪروڙ ۾ خريدڻ ۽ 3 ڪروڙ کان وڌائي 35 ڪروڙ جي ڊجيٽلائيزيشن بجيٽ بابت به مشاورت نه ڪئي وئي، اڳواڻن موجب، خريداري کان اڳ گورننگ باڊي جي منظوري ضروري آهي، پر هن معاملي ۾ قاعدن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي.