بحريا ٽائون دبئي ۾ 812 پاڪستانين 850 ارب رپيا سيڙائي ڇڏيا

اسلام آباد/دبئي (زاهد گشڪوري) بحريا ٽائون دبئي ۾ 812 پاڪستانين گهٽ ۾ گهٽ 850 ارب رپين جي سيڙپ ڪئي آهي. مختلف ادارن وٽان حاصل ڪيل ڄاڻ موجب گذريل 7 سالن ۾ 3200 پاڪستانين دبئي ۾ ملڪيتن ۾ سيڙپڪاري ڪئي آهي، انهن ۾ گهڻو ڪري 55 سيڪڙو سمنڊ پار پاڪستاني آهن جڏهن ته 45 سيڪڙو پاڪستان واسي آهن. هوڏانهن نيب جي خبرداري باوجود خاص طور تي گذريل ٻن سالن ۾ پاڪستانين بحريا ٽائون دبئي ۾ سيڙپڪاري ڪئي آهي. انهن مان 5 سيڪڙو کان گهٽ پنهنجي پرڏيهه ۾ ملڪيتن بابت اسٽيٽ بينڪ ۽ ايف بي آر کي آگاهي ناهي ڏني. 450 پاڪستانين پنهنجا اثاثا ظاهر ڪيا آهن. اڪثريت قانونن جي لتاڙ ڪئي آهي. انهن ۾ وڏا وڏا ماڻهو شامل آهن، جن ۾ بلوچستان جو اڳوڻو وڏو وزير، تازو سينيٽر بڻيل شخصيت، سنڌ مان وڏي شخصيت، ڪابينا جي اهم ميمبر جي پٽ به سيڙپڪاري ڪئي آهي. 7 سالن دوران 500 گهراڻن 400 ارب رپين جي پام جميرا ۽ اميريٽ ليونگ ۾ به سيڙپڪاري ڪئي آهي ۽ اثاثا حاصل ڪيا آهن. پي ٽي آءِ جو حصو رهندڙ اڳوڻن سينيٽرن تازو الثمر گرين دبئي ۾ سيڙپڪاري ڪئي آهي. 7 پارليامينٽ ميمبرن اليڪشن ڪميٽن وٽ پنهنجا اثاثا ظاهر ڪيا آهن. ميمڻ گهراڻي مان هڪ اهم شخصيت بحريا ٽائون دبئي ۾ سيڙپڪاري ڪئي آهي. 176 سمنڊ پار پاڪستانين جيڪي لنڊن ۾ رهن ٿا انهن به بحريا ٽائون جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪئي آهي. ادارا ان حوالي سان جاچ ڪري رهيا آهن ۽ گرفتاريون ٿي رهيون آهن. هن وقت تائين 14 گرفتاريون ٿيون آهن.

  1. ملڪ رياض کان فائدا ماڻيندڙن جو به احتساب ٿيندو؟

اسلام آباد(حامد مير)هن وقت جيڪو معاملو آهي، ان ۾ عام تاثر اهو پکيڙيو ويو آهي ته ملڪ رياض صاحب تي ڪارروائيانڪري ٿي رهي آهي جو هن عمران خان خلاف ”وعده معاف گواهه“ بڻجڻ کان انڪار ڪيو، پر سندن ويجها ذريعا بلڪل مختلف ڪهاڻي ٻڌائن ٿا۔ هڪ اهم شخصيت، جيڪا وزيراعظم شهباز شريف جي به دوست آهي ۽ ملڪ رياض جي به دوست، هنن ملڪ رياض ۽ نيب جو معاملو طئي ڪرائڻ جي ڪوشش به ڪئي.انهن ٻڌايو ته ملڪ رياض تي اهڙو ڪو دٻاءُ نه هو ته هو عمران خان خلاف وعده معاف گواهه بڻجي.اصل ڳالهه اها هئي ته ملڪ رياض هڪ بيان ڏنو ته هو ڪنهن به دٻاءَ هيٺ وعده معاف گواهه نه بڻجندو ۽ جيڪڏهن مٿس دٻاءُ وڌو ويو ته هو ڪيترائي راز افشا ڪندو، ان بيان سان اهو تاثر ويو ته هن وٽ اسٽيبلشمينٽ جي ڪجهه ماڻهن بابت وڏا راز آهن۔ اهڙي تاثر هيٺ اهو سمجهيو ويو ته هو ڊيل ڪرڻ جو پيغام ڏئي رهيو آهي ته  ڊيل ڪريو، نه ته مان دبئي ۾ ويهي توهان کي بي نقاب ڪندس، ڪجهه ڏينهن پوءِ خبرون آيون ته ملڪ رياض ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ڊيل ٿي وئي آهي ۽ هڪ انٽيليجنس ايجنسي جو نالو به آيو ته هن ڊيل ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو۔اهو تاثر غلط ثابت ڪرڻ لاءِ سندن خلاف وڏي پيماني تي ڪارروائي شروع ڪئي وئي، ان کان پوءِ ملڪ رياض جي لهجي ۾ تبديلي آئي ۽ هو ڳالهه ٻولهه وسيلي مسئلو حل ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو، پر نيب سندس ملڪيتون وڪڻڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو.معاملو پيچيده انڪري آهي جو ملڪ رياض هاڻي يو اي اي جو شهري ٿي ويو آهي۔ پاڪستاني ادارا کيس واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا، پر هو اتي پنهنجو ڪاروبار هلائي رهيو آهي ۽ يو اي اي جي قانون تحت ڪم ڪري رهيو آهي۔ سوشل ميڊيا تي اها به افواهه هلي ته هو دٻاءَ سبب مالٽا هليو ويو آهي، پر اها غلط آهي.هو اڃا به دبئي ۾ آهي ۽ ماڻهن سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي ته افهام ۽ تفهيم سان معاملو طئي ٿي وڃي۔ هن پيشڪش ڪئي آهي ته جيڪي پئسا توهان وٺڻ چاهيو ٿا، اهي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، پر لڳي ٿو ته هاڻي ڪنهن سطح تي اهو فيصلو ٿي چڪو آهي ته اهو تاثر ختم ڪيو وڃي ته ملڪ رياض ”ڪنگ ميڪر“ آهي ۽ ڪنهن کي به خريد ڪري سگهي ٿو،تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته  ملڪ رياض خلاف ڪارروائي ضرور ٿيڻ گهرجي، پر صرف سندس ذات نه،جنهن به بيوروڪريٽ، اڳوڻي فوجي، سياستدان يا صحافي سندس کان پلاٽ يا رقم ورتي، ان جو به حساب ٿيڻ گهرجي.

  1. بحريا ٽائون ملڪيتن جي نيلامي تي اسٽي جي درخواست رد

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون جي ملڪيتن جي نيلامي تي فوري اسٽي جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته بحريا ٽائون خلاف ريفرنسز جون ڪاپيون جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي، ڪالهه جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ بحريا ٽائون جون ملڪيتون نيلام ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي آهي، جنهن دوران درخواستگذار ملڪ رياض جي وڪيل فاروق ايچ نائيڪ عدالت ۾ پيش ٿي ملڪيتن جي نيلامي تي فوري اسٽي جاري ڪرڻ جي استدعا ڪئي، جسٽس امين الدين خان فوري حڪم امتناع جي درخواست رد ڪندي ريمارڪس ڏنا ته اسٽي بابت فيصلو هڪ طرفو نه پر ٻنهي ڌرين کي ٻڌي ڪري ڪنداسين، جسٽس نعيم اختر افغان ريمارڪس ڏنا ته نيب ريفرنسز جون ڪاپيون به اپيلن سان گڏ لڳايو ته جيئن معلوم ٿي سگهي ته اصل غبن ڇا آهي؟ جوابدارن نيب سان پلي بارگين ڪئي هئي، جنهن ۾ 8 ملڪيتون نيب کي ڏنيون ويون، هاڻي جوابدار چوي ٿو ته پلي بارگين رضاڪاراڻي طور تي نه هئي پر دٻاءَ هيٺ ڪئي وئي هئي، جسٽس نعيم اختر افغان چيو ته جوابدار پلي بارگين ختم ڪرڻ جي درخواست نيب چيئرمين کي ڏني۽ پلي بارگين ختم ڪرڻ جي درخواست کان پوءِ ڪيس پهرين واري اسٽيج تي اچي ويو ته پوءِ نيب ملڪيتن جي نيلامي ڏانهن ڪيئن هليو ويو؟ پلي بارگين ختم ڪرڻ جي درخواست کان پوءِ ته هاڻي ريفرنس تي جوابدارن جو ٽرائل ٿيندو، ريفرنس تي سزا ٿي ته پوءِ ملڪيتون ضبط ڪيون وينديون، وڪيل فاروق ايچ نائيڪ موقف اختيار ڪيو ته اهو ئي ڪيس آهي، اسان جي پلي بارگين ختم ڪرڻ جي درخواست ۽ نيب ريفرنس التوا ۾ آهن، عدالت فاروق ايچ نائيڪ کي ملڪ رياض ۽ بحريا ٽائون خلاف ريفرنسز جون ڪاپيون جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 13 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏنا ته 13 آگسٽ تي مرڪزي ۽ متفرق سڀ درخواستون ٻڌيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.