اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)ناليواري دفاعي تجزئي نگار ليفٽيننٽ جنرل(ر)نعيم خالد لوڌي چيو آهي ته مون اڳ به چيو هو ته اسٽيبلشمينٽ هن حڪومت جو بار وڌيڪ دير تائين نه کڻي سگهندي،هاڻي توهان ڏسندا ته سڀني جي واري ايندي،هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ هن چيو ته جنهن قسم جي ڪرپشن جون ڳالهيون منظر تي اچي رهيون آهن ان مان لڳي ٿو ته فوج پاڪستان ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ هي سياستدان ان کي اندريان کوکلو ڪري رهيا آهن،ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ وڏيون تبديليون اچڻ واريون آهن،هن چيو ته مودي جي ڪري هندستان جي بي عزتي ٿي رهي آهي،ڀارتي وزيراعظم کي گهر وڃڻو پوندو،عالمي منظرنامو به تبديل ٿيڻ وارو آهي،هڪ سوال اهو آهي ته آمريڪا سامونڊي پٽي ۾ تيل لاءِ ڊرلنگ شروع ڪري ٿو ته ڇا اسان جو گوادر هلي سگهندو؟ٻيو اهو ته آمريڪي ڪمپينن کي معدنيات جا ٺيڪا ڏنا ويا ته پوءِ سي پيڪ هلي سگهندو؟آمريڪا اسان جو پراڻو اتحادي رهيو آهي،هن جي دوستي ۾ اسان جي غربت ۽ دهشت گردي ۾ اضافو ٿيو آهي،ٽرمپ تي اعتماد نٿو ڪري سگهجي،اسان جي ماڻهن کي به اها خبر آهي،فيلڊ مارشل اسان کان وڌيڪ ٽرمپ جي شخصيت کي ڄاڻي ٿو،هن چيوته هندستان سان توهان لاڳاپا ٺيڪ ڪري سگهو ٿا،ايران ۽ سعودي عرب کي به گڏائي سگهو ٿا،هن چيو ته ادارن ڪرپشن جا فائل گڏ ڪري ڇڏيا هوندا،پورچوگال ۾ ڪامورن جي ملڪيتن بابت خواجا آصف جو بيان وارو معاملو دٻائي نٿو سگهجي،