ڪراچي(رپورٽر) آمر ضياءُ کي للڪاريندي انقلاب لاءِ جان ڏيندڙ شهيد نذير عباسي جي 45هين ورسي جي موقعي تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ عوامي حقوق پاران نوجوانن جي سياست کان بيگانگي بابت تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ شهيد نذير عباسي جي زندگي ۽ مزاحمتي جدوجهد تي، سندس مزاحمتي جدوجهد جي ساٿي ۽ جيون ساٿي ڪامريڊ حميده گهانگهرو تفصيلي روشني وڌي، عوامي حقوق جي ڪنويئر عبدالخالق زدران چيو ته نذير عباسي کي ڪراچي مان جبري طور گم ڪري شهيد ڪيو ويو، گمشدگين جو سلسلو سڀ کان پهرين 1960 ۾ ڪامريڊ حسن ناصر، 1973 ۾ اسد الله مينگل ۽ 1980 ۾ ڪامريڊ نذير عباسي کي جبري طور گم ڪري، انسانيت سوز تشدد جو نشانو بڻائي شهيد ڪيو ويو ۽ انهن جا لاش گم ڪيا ويا، هي سلسلو هاڻي ملڪ ۾ جاري آهي، نوجوانن جي سياست کان بيگانگي بابت پروفيسر ڊاڪٽر توصيف احمد خان، مظهر عباس، تاج مري، غلام نبي چانڊيو، پروفيسر ڊاڪٽر رياض شيخ ۽ سهيل سانگي چيو ته نوجوانن جي سياست کان بيگانگي جي پهرين شروعات جنرل ضياءَ جي مارشل لا دور ۾ تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونينن تي پابندين سان ٿي، نظرياتي شاگرد تنظيمن جي کوٽ سبب اڄ جو نوجوان شخصيت پرستي جي سحر ۾ مبتلا ٿي چڪو آهي، خاص طور تي ڪجهه سالن کان سياسي ڪلچر ۾ عدم برداشت، نفرت انگيز ذاتيات، غليظ ٻول ۽ الزامن جي ڪري اڄ جي نوجوان نسل جو سياسي، سماجي ۽ عملي جدوجهد کان پري ٿيڻ ۽ بيگانگي جا اهم سبب بڻيا آهن، تنهن ڪري اڄ جي ترقي پسند نظرياتي تنظيمن کي گهرجي ته اهي پراڻن فرسوده نعريبازي ۽ نظرياتي اختلاف کي پاسي تي رکي، اڄ جي جديد سائنسي تقاضائن کي ذهن ۾ رکندي، بين الاقوامي خاص طور تي ملڪي سياسي ۽ سماجي حالتن کي نظر ۾ رکي، هڪ نئون بيهڪ تشڪيل ڏين، ان ذريعي نوجوانن کي انهن جي ذهني هم آهنگي مطابق نظرياتي ۽ سياسي تربيت ڏيڻ لاءِ ڊراما، آرٽس ۽ ورڪشاپ وسيلي انساني ۽ عوامي حقن بابت آگاهي مهيا ڪري، نظرياتي سياست کي مضبوط ڪري ئي اڄ جي نوجوانن کي عملي سياست جو حصو بڻائي سگهجي ٿو، شهيد نذير عباسي جي ساٿڻ ۽ شريڪ حيات ڪامريڊ حميده گهانگهرو چيو آهي ته نذير عباسي شهادت قبول ڪئي پر ڪنڌ نه جهڪايو، هو نوجوانن جو هيرو ۽ اڄ به سڀني جو ليڊر آهي، اڄوڪو ڏينهن اسان لاءِ افسوسناڪ ناهي، هي ڏينهن اسان کي اونداهي ۾ روشني جيان نظر ايندو آهي، ڇو ته هن ڏينهن نذير عباسي پنهنجي مقصد تي قائم رهندي زندگي جي پرواهه نه ڪندي شهيد ٿي ويو، هن چيو ته نذير عباسي اهو نوجوان هو، جنهن پورهيتن، مزدورن، عورتن شاگردن جي حقن لاءِ آواز اٿاريو، کيس گرفتار کانپوءِ ٽارچر ڪري شهيد ڪيو ويو، هن شهادت قبول ڪئي پر ڪنڌ نه جهڪايو، نذير عباسي کي ماريندڙ پاڻ مري ويا ۽ هو اڄ به جيئرو آهي، سندس چوڻ هو ته اڄ نه رڳو سنڌ پر ملڪ جي مختلف شهرن ۾ نذير عباسي جي ياد ۾ پروگرام ٿي رهيا آهن، نذير عباسي جهڙا اڳواڻ گمنام ناهن ٿيندا، هو سچي جدوجهد جو اڳواڻ هو ۽ اڄ به سڀ کيس پنهنجو ليڊر سمجهن ٿا، نذير عباسي نوجوانن جو هيرو آهي، ڪينالن جي معاملي تي احتجاج ڪندڙن به چيو ته جيڪو شهيد جو رستو هو اهو ئي اسان جو رستو آهي، ڀلي جهنڊا ٻين پارٽين جا هئا پر ماڻهن جو رستو اهو ئي هو، جيڪو نذير عباسي جو رستو هو.
-
45هين ورسي تي شهيد نذير عباسي کي ڀيٽا پيش
حيدرآباد(رپورٽر) عظيم انقلابي اڳواڻ شهيد نذير عباسي جي 45 هين ورسي جي موقعي تي حيدرآباد ۾ تقريبون منعقد ڪيون ويون. ان ڏس ۾ عوامي ورڪرز پارٽي ضلعي حيدرآباد، ناري جمهوري محاذ ۽ پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاران شهيد نذير عباسي جي ورسي جي حوالي سان ڪامريڊ عاصم آخوند هال حيدرآباد ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ کاٻي ڌر سان لاڳاپيل نوجوان سياسي ڪارڪنن ۽ عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ بخشل ٿلهو، ناري جمهوري محاذ جي وفاقي صدر عاليه بخشل، حيدرآباد روشن خيال فورم جي اڳواڻ ڊاڪٽر حميد سومرو ۽ پي آر ايس ايف جي اڳواڻ عاقب رتڙ، شهيد نذير عباسي کي ڀيٽا ڏيندي چيو ته ڪامريڊ نذير عباسي شاگردن ۽ پورهيت طبقي جو مثالي اڳواڻ آهي، هو زندگي سان ڀرپور هو ۽ حيات دشمن قوتن سان جهيڙي ۾ رهيو، اڄ جي سياسي ڪارڪنن کي ڪامريڊ نذير عباسي جي جدوجهد ۽ ان جي سياسي طور طريقن مان گهڻو ڪجهه سکڻ جي ضرورت آهي. هنن چيو ته شهيد نذير عباسي مظلوم ۽ بي پهچ ماڻهن جي لاءِ جدوجهد ڪندي ٽارچر سيلن جون سختيون برداشت ڪري شهادت ماڻي، تاريخ شهيد نذير عباسي کي صدين تائين هڪ وڏي انقلابي اڳواڻ طور ياد رکندي. ان موقعي تي نوجوانن گيت ڳائي شهيد نذير عباسي کي ڀيٽا پيش ڪئي. ٻئي طرف پورھيت مزاحمت تحريڪ تعلقي حيدرآباد ٻهراڙي پاران ڳوٺ گل حسن ڇلگري ۾ شھيد نذير عباسي جي 45 ھين ورسي ملھائي وئي. جنهن ۾ پورھيت مزاحمت تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ نثار لغاري, مير اعجاز ڇلگري ۽ دوست علي لغاري شھيد نذير عباسي کي ڀيٽا پيش ڪئي. تقريب ۾ علائقي جي سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ م شرڪت ڪئي.
-
وارهه ۾ شهيد نذير عباسي جي ورسي، خراج عقيدت
وارھ ( پ ر )کاٻي ڌُر جي عظيم شھيد نظير عباسي جي 45ھين ورسي جي نسبت سان وارھ جي قاضي غفار لائبريري ھال ۾ مختصر تقريب ڪوٺائي شھيد نظير عباسي کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ان موقعي تي ڳالھائيندي صحافي ۽ ليکڪ نجيب چانڊيو، تعلقي بار صدر ايڊوڪيٽ اياز کھاوڙ، سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ عرفان منان، شفيق پيرزادو، قومپرست شاگرد اڳواڻ نثار اميراڻي، محمد بخش سومرو، بھادر تنيو، سمير سنڌي ۽ ٻين چيو ته شھيد نظير عباسي پنھنجي آدرشي سوچ، بهادري ۽ قربانيءَ سبب سنڌ جي سياسي تحريڪ ۽ تاريخ جو ھڪ لازوال باب آهي جنھن ضياءَ جيآمريت جي عتاب ھيٺ سياسي مزاحمت ڪري شھادت ماڻي ھو کاٻي ڌُر جي سياست جو ھڪ بھادر اڳواڻ ھو ۽ سندس جدوجھد جو محور پورھيت راڄ جو قيام ھو اڄ ھو جسماني طور موجود ناھي پر پنھنجي فڪر وسيلي اڄ به ترقي پسند، پورھيت دوست ۽ وطن دوست سياسي پنڌ جي رھنمائي ڪري رھيو آھي اسان کيس سرخ سلام پيش ڪريون ٿا.ع