ٿر جا ماڻهو تڪليف ۾ آهن، سندن ڪيس ڀرپور وڙهندس\جسٽس صلاح الدين پنهور

مٺي(رپورٽ: غازي بجير) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس صلاح الدين پنهور چيو آهي ته سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ تڪليفون ٿر جي ماڻهن کي آهن، ٿر جا ماڻهو پاڻي ۽ چوپائي مال تي گذارو ڪن ٿا، سندن زندگي ڏکن سان ڀرپور آهي، ٿرپارڪر ۾ ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ ڪرائيم ريشو گهٽ آهي پر معاشي طور انتهائي پوئتي آهي، مٺي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ٿرڪول بابت ڪيس هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ رهيو، جيڪو بعد ۾ ٻئي جج حوالي ڪيو ويو، معدنيات بابت اهم فيصلا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ڪارونجهر جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ زيرِ التوا آهي، منهنجي خواهش رهي آهي ته ٿر جا وڪيل سپريم ڪورٽ ۾ انرول ٿين جتي به هوندس ٿر جا ڪيس مضبوط طريقي سان پيش ڪندس، هن چيو ته مون ڪوشش ڪئي آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجي علائقي جي حقن جو تحفظ ڪريان ۽ اهي فيصلا ڪريان جن سان انهن ماڻهن کي به فائدو ملي جن جو ڪو ٻڌڻ وارو ناهي، جسٽس صلاح الدين پنهور چيو  ته مٺي جي ليب ۾ گهڻا شاگرد ننگرپارڪر جا هئا تنهن ڪري اتي تعليمي سهولتن جي فراهمي ضروري آهي، مٺي جا اسڪول ۽ لائبرريون ڏسي خوشي ٿي جيڪي عمرڪوٽ جي ڀيٽ ۾ سٺا آهن، چار سال ڊگري پروگرام جي فيڪلٽي ڏسي اطمينان ٿيو ڇو ته اهو فيصلو مون ئي ڪيو هو ته ٻه سالن وارو ڊگري پروگرام ختم ڪيو وڃي، هن چيو ته عدليا پنهنجي آئيني دائري ۾ ڪم ڪري ٿي، آفيسرن يا جج کي جتي به موڪليو وڃي اتي جي ثقافت ۽ مسئلن تي مطالعو ڪرڻ گهرجي، ججن کي عوام جا خادم سمجهي بهتر رويو اختيار ڪري حق ڏيڻ گهرجي ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن متاثر ڌر جو رويو ڪاوڙ ڀريو هوندو آهي پر ججز کي ان کي به عزت ڏيڻي پوي ٿي، هن نوجوان ججن تي زور ڏنو ته هو اهڙو ماحول بڻائن جنهن سان نوجوانن کي نوڪري ڳولڻ بدران پاڻ روزگار جا موقعا پيدا ٿين، ڪالهه ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن مٺي پاران جسٽس صلاح الدين پنهور جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو ۽ ڊسٽرڪٽ بار جي عهديدارن جي حلف برداري تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ جسٽس رياضت علي ساهڙ، جسٽس جان علي جوڻيجو، ايڊووڪيٽ ماما يوسف لغاري، ايڊووڪيٽ نند گوڪلاڻي، سيشن جج عبدالوحيد شيخ، ايڊووڪيٽ پرويز اختر، ايڊووڪيٽ اسرار چانگ، عمرڪوٽ جي سيشن جج عبدالقدوس، ڊسٽرڪٽ بار صدر موهن منٺاراڻي سميت وڪيل برادري ۽ ججن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ٿرپارڪر ڊسٽرڪٽ بار جي صدر موهن منٺاراڻي چيو ته جسٽس صلاح الدين تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ اهم فيصلا ڏئي عوام کي حوصلو ۽ علائقي جي ترقي لاءِ مثال قائم ڪيو آهي، ٿر اڳ به وساريل هو، هاڻي به وساريل آهي، حڪومت کي صرف ڪوئلو، ڪارونجهر ۽ زمينون ياد آهن، اسان 2640 ميگاواٽ بجلي نيشنل گرڊ کي ڏئي رهيا آهيون پر ٿر اونداهي ۾ آهي، ڪمپنيون مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ بدران تڪليفون ڏئي رهيون آهن، ٿر ۾ صحت جون سهولتون ناڪافي آهن، جنهن سبب ڪيترائي مريض حيدرآباد يا ڪراچي پهچڻ کان اڳ فوت ٿي وڃن ٿا، تعليم تباهه ٿيل آهي، منشيات  خاص ڪري آئيس  عام ٿي وئي آهي، جنهن سبب خودڪشيون ۽ سماجي براين ۾ واڌ آئي آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.