اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان جي پٽن سليمان ۽ قاسم پاڪستان اچڻ لاءِ ويزا لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان ٻڌايو ته سليمان ۽ قاسم ويزا جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي، حڪومت پي ٽي آءِ جي باني جي پٽن کي پاڪستان اچڻ کان روڪي نٿي سگهي، عليمه خان موجب ٻنهي ڀائرن برطانوي پاسپورٽ تي ويزا لاءِ اپلائي ڪيو آهي، جڏهن ته سندن وٽ نائڪوپ ڪارڊ موجود ناهي، ياد رهي ته عمران خان جا پٽ، 28 ورهين جو سليمان خان ۽ 26 ورهين جو قاسم خان، پهريون ڀيرو مئي ۾ پنهنجي والد جي قيد بابت عوامي طور آواز اٿاري هئي، گذريل مهيني عليمه خان چيو هو ته عمران خان جي آزادي جي مهم تحت ٻئي پٽ آمريڪا ويندا ۽ پوءِ پاڪستان ايندا، ۽ بعد ۾ اهي آمريڪا ويا جتي آمريڪي قانون سازن سان والد جي قيد بابت ملاقاتون ڪيون.