پنجاب جي حڪمرانن ۾ ڏڦيڙ، خواجا آصف مريم تي ڪاوڙيل

اسلام آباد/لاهور (عمران شفقت) خواجا آصف کي ڪجهه ڏينهن اڳ بيوروڪريسي جي پرتگال ۾ ملڪيت جي ياد اچي وئي هئي ۽ ان تي ٽوئيٽ ڪري رهيو هو، پاڪستاني آفيسرن خلاف ڳالهائي رهيو هو، اصل سبب اهو هو ته خواجا آصف جو اي ڊي سي آر اقبال سنگهيڙا ڪرپشن الزام ۾ گرفتار ٿيو هو، جيڪو ذريعن موجب سندس فرنٽ مين هو. اهوسمجهيو وڃي ٿو ته اقبال سنگهيڙا خواجا آصف جي پٺڀرائي کانسواءِ اهو ڪم نٿو ڪري سگهي. سندس گرفتاري سان نشانو خواجا آصف بڻجي رهيو آهي. اقبال سنگهيڙا آر او به رهيو هو ۽ اليڪشن ۾ به هن سهڪار ڪيو هو. ذريعن موجب، پنجاب جو وڏو سول آفيسر مريم نواز جو ويجهو آهي، سندس ڪور ٽيم جو حصو آهي، ان جي حڪم تي اها گرفتاري ٿي آهي، جيڪا اينٽي ڪرپشن وارن ڪئي آهي. خواجا آصف اهو چوڻ چاهي ٿو ته اوهان پاڻ ڪهڙا اڇا آهيو؟ مان سڀني جا پول پڌرا ڪندس. پنجاب ۾ خواجا آصف جو نشانو 4 آفيسر آهن جن ۾ اهو اشارو ڏنو ويو هو ته علي ورڪ نالي واپاري پرتگال ۾ هوندو آهي، جنهن جا آفيسرن سان لاڳاپا آهن. خواجا آصف موجب، منهنجو فرنٽ مين اقبال سنگهيڙا هو ته اوهان جو فرنٽ مين علي ورڪ آهي، مون کي سڀني جي خبر آهي. منهنجي خلاف وڌيڪ ڪجهه ٿيو ته مان به ڪنهن کي نه ڇڏيندس. هڪ اعليٰ ذريعي ٻڌايو ته پنجاب ۽ وفاق جون ٽيمون وڙهي رهيون آهن، خواجا آصف مريم نواز کي نشانو نٿو بڻائي سگهي پر ان جي آفيسرن کي نشانو بڻائي رهيو آهي. يعنيٰ مريم نواز ۽ شهباز شريف جي ٽيمن وچ ۾ تڪرار آهي. اهو ڪو وڏو تڪرار آهي جنهن جا اثر نظر اچن ٿا ، اڳتي هلي نالا ظاهر ٿي سگهن ٿا.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز ڇنڇر 09 آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.