سکر ۾ ڀاڻيجي هٿان 55 ورهين جي ماسي قتل

سکر(رپورٽ:آزاد مهر)سکر جي اي سيڪشن ٿاڻيجي حد بئراج ڪالوني ۾ جوابدار حاجي شيخ پنهنجي ماسي  55 ورهين جي بيواهه حسينه زال مرحوم غلام سرور شيخ کي چاقن جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي جوابدار حاجي کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن بعد مقتولا جو لاش سول اسپتال سکر پوسٽ مارٽم لاءِ کڻائي آئي، پوليس موجب واقعو ڪارنهن الزام هيٺ پيش آيو آھي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.