نوشھرو فيروز(ڊر) نوشھرو فيروز شھر مان ٽي ڏينھن اڳ ريلوي اسٽيشن ۾رھندڙ خميسو خان وڳڻ پٽ عبدالغفار وڳڻ ايس ايڇ او الھوسائي وڳڻ جو 10ورهين جو ڀائيٽيو گھر مان گم ٿي ويو هو جنھن کي 2 ڏينھن گذرڻ کان پوءِ ڪالهه رات ھڪ وڳي سندس لاش درن واري موري ڀرسان بليڊن ۽ آري سان ڪٺل لاش ھٿ آيو، پوليس لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال پھچايو، جتان ضروري ڪارروائي کان پوءِ وارثن حوالي ڪيو، ڄاڻ ملي آھي ته 5 وحشي آئيس جي موالي جوابدار، نينگر کي ريلوي اسٽيشن تان بئراج تي وھنجڻ بھاني وٺي سندس سان بدفعلي ڪرڻ بعد آري بلڊ سان ڪھي سندس مٿان وڏو پٿر رکي ڪن ۾ لاش کي ڇڏي ويا، ننڍڙي جو لاش گھر ۾ پھچڻ تي قھرام مچي ويو، هوڏانهن نوشھري فيروز ٿاڻي تي 2سڃاتل منور مغل ۽ عثمان مغل ۽ ھڪ اڻ سڃاتل جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس ھڪ قاتل منور مغل کي گذريل رات دير سان پڊعيدن روڊ تي پوليس مقابلي ۾ ماري ڇڏيو، باقي 2 جوابدار روپوش ٿي ويا آھن، پوليس انھن خلاف مختلف ھنڌن تي ڇاپا هڻي رهيا آهي، ايس ايڇ او سٽي راجا نويد سرفراز جو چوڻ آهي ته آئيس جي موالين خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري نينگر جي قاتلن کي فوري گرفتار ڪيو ويندو.