ڪراچي (رپورٽر)ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اوڀر جي عدالت ۾ گلشن اقبال ۾ نينگري کي اغوا ڪري زبردستي شادي ڪرڻ واري جوابدار اظهر علي کي ڏوهه ٽابت ٿيڻ تي سنڌ چائلڊ ميرج ايڪٽ جي تحت ٻه سال جي قيد ۽50هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌئي آهي .وڪيل جو ڇوڻ آهي ته عدالت ڪيس جو ٽرائل ست مهينن ۾ مڪمل ڪيو آهي .جوابدار اظهر علي سيڪيورٽي گارڊ هو ، نينگري کي اغوا ڪري نوشهرو فيروز ۾ شادي ڪئي هئي.
-
ڪراچي، پشاور ۽ بهاولپور جا شهري سڀ کان مهانگي کنڊ خريدڻ تي مجبور
اسلام آباد (م ڊ) وفاقي شماريات واري کاتي کنڊ جي قيمتن بابت نوان انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، اداري موجب ملڪ ۾ کنڊ جي اوسط قيمت سرڪاري مقرر ڪيل ريٽ تي نه اچي سگهي آهي ۽ وڌ ۾ وڌ قيمت 190 رپيا في ڪلو تي برقرار آهي، جڏهن ته ڪراچي، پشاور ۽ بهاولپور جا شهري ملڪ ۾ سڀ کان مهانگي کنڊ خريدڻ تي مجبور آهن.شماريات جي انگن مطابق ملڪ ۾ کنڊ جي اوسط قيمت گهٽجي 178 رپيا 67 پئسا في ڪلو ٿي وئي آهي، هڪ هفتي ۾ اوسط قيمت ۾ وڌيڪ 66 پئسا في ڪلو جي گهٽتائي ٿي آهي. گذريل هفتي اوسط قيمت 179 رپيا 33 پئسا في ڪلو هئي، جڏهن ته هڪ سال اڳ اها 146 رپيا 75 پئسا في ڪلو هئي. رپورٽ موجب پنجاب ۾ وڌ ۾ وڌ قيمت 190 رپيا في ڪلو آهي، جڏهن ته اسلام آباد ۾ قيمت سرڪاري ريٽ مطابق 172 رپيا في ڪلو تي اچي وئي آهي. راولپنڊي سميت پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ کنڊ 173 رپيا جي سرڪاري اگهن تي ملي رهي آهي. وفاقي حڪومت 15 جولاءِ کان کنڊ جي ايڪس مل قيمت 165 رپيا في ڪلو مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو،.
جڏهن ته اسلام آباد ۾ 172 رپيا ۽ پنجاب ۽ ڪراچي ۾ ريٽيل قيمت 173 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي وئي هئي.