ڪهڙن منصوبن تي ڪيترا پيسا لڳا، تفصيل عوام لاءِ عام ڪيا وڃن:هاءِ ڪورٽ

ڪراچي(رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ ورڪساينڊسروس کاتي پاران مختلف منصوبن جا تفصيل عام نه ڪرڻ تي شهري پاران داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي .عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڪهڙن منصوبن تي ڪيترا پيسا لڳا ۽ منصوبا ڪيئن ٺاهيا ويا، تفصيل عوام لاءِ عام ڪيا وڃن .عدالت شهري عامر بلوچ جي درخواست تي انفارميشن ڪميشن ۽ ورڪس اينڊ سروسز کاتي کي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو, جنهن بعد عدالت درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 26 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪندي چيو ويو آهي ته معلومات تائين رسائي هر شهري جو قانوني حق آهي، ورڪس اينڊ سروسز کاتي کي مختلف عوامي منصوبن جا تفصيل عام ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي، عدالت کي ٻڌايو ويو ته کاتي پاران درخواست تي ڪو به جواب نه ڏنو ويو,ان کان پوءِ ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي انفارميشن ڪميشن ۾ به درخواست ڏني،انفارميشن ڪميشن ۾ درخواست التوا جو شڪار آهي، درخواست ۾ استدعا ڪندي چيو ويو ته انفارميشن ڪميشن کي درخواست تي فوري فيصلو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي.

، عوام کي معلومات تائين رسائي کان نه ٿو روڪي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.