ڀِٽائيءَ جي فڪر ۾ مختلف لاڙا ۽ مشاهداتي مطالعو

تحرير: احسان سنگراسي

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي  هڪ عالمگير آفاقي شخصيت جو مالڪ ۽ عالمي فڪري رهنما هو. شاهه سائين هڪ عظيم آدرشي انسان، عظيم روايتن جو امين هو. هن پنهنجي ديس واسين کي ڏکن، سکن، خوابن، خوبين، خرابين، تاريخي ثقافتي ماڳن مڪانن، لوڪ داستانن ۽ انهن جي ڪردارن کي پنهنجي مشاهداتي پسمنظر ۾ پيش ڪيو آهي. شاهه جي پيغام ۾ اُن دور جي حالات کان ويندي سندس دور جي پيش ايندڙ معاملن کان آگاهي ۽ انهن دردن جي درمان کان به واقف ڪيائين. جيئن ته ”سُر آسا“ ۾ شاهه سائين دنيا جي حِرص هوس کان پناهه گهري آهي.

پوءِ وري نفس اماره کي ڏاوڻ ڏئي قابوءَ ۾ رکڻ جي رمز به پاڻ ٻڌائي آهي. جڏهن ته الله سائين انسان کي هن جهان ۾ موڪلي ارشاد فرمايو ته نفس جي چنبي ۾ نه اچجان، پنهنجو پاند ته پُسائجان (يعني نفساني خواهش ۾ نه پئجان(

مونکي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾،

اُڀا ائين چون، مڇڻ پابند پُسائين.

پيو جو پاتار، سوپُسڻ کان ڪيئن پالهورهي،

سالڪ مون سيکار ڪوپهه انهيءَ پاند جو.

انسان حيرت ۾ اچي ويو، ته دنيا جي رنگينيءَ ۾ رهي. پنهنجو پاند پُسڻ کان ڪئين بچايان؟ وري بچڻ جو گُر پاڻ ٻڌايائين.

ڪر طريقت تڪيو، شريعت سُڃاڻ،

هيئون حقيقت هيرتون، ماڳ معرفت ڄاڻ،

هوءِ ثابوتي ساڻ، ته پسڻ کان پالهورهين.

شاهه عبدللطيف جهڙي عظيم عالمي شاعر کي هالا حويلي ڪوٽڙي کان ڀٽ شاهه تائين ڪنهن محدود دائري ۾ نه ڏسڻ گهرجي، هو دنيا جي وڏن ڏاهن دانائن جي صف اول جو هو. سندن ابتدائي دور آخوند نور محمد جي مڪتب ۽ سندن والد شاهه حبيب جي تربيت ۽ سلوڪت جا سبق سکڻ ۽ معرفت جا موتي ميڙڻ ۾ گذاريو، گڏوگڏ شاهه حبيب جي همعصر دوست شاهه عنات رضوي صالح جي صحبت ۾ گذريو. رومي چيو ته:

هرکه خواهد همنشيني يا خدا،

اور نشيند در حضور اولياء

يعني جيڪو خدا جو قرب حاصل ڪرڻ جو طلبگار هجي ته انهيءَ لاءِ لازمي آهي ته هو الله وارن جي صحبت اختيار ڪري. شاهه سائين پاڻ فرمايو ته:

قاتل ڪمائي ڪري، وهيه ماکيءَ جي ڪن،

وٽان ويهي تِن، پيئج ڪي پياليون.

شاهه جي زندگيءَ جي ٻئي دور يعني جوانيءَ جو ڪجهه حصو مشاهداتي، مطالعاتي مصروفيت ۾ گذريو. اُن وقت سفري سهولتون نه هئڻ برابر هيون. پيرين پنڌ جر جبل جھاڳيندو جنهن تفصيلي ذڪر سان اسان کي سُر سُسئي ۽ سرسهڻي ۾ ٻڌائي  ٿو جيئن ته:

تتيءَ ٿڌي ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي.

شاهه سائين هِند سنڌ هنگلاج، گنجو، ڏونگر، لاڙ، ٿر، ڪڇ، ڪاڇو، جيسلمير کان لڊاڻو تائين پيرن پند ڪيائين. پوءِ  اُتان جي رهڻي ڪهڻي، ثفاقت، ٻولي، تنهن کي شاعري جي روپ ۾ مشاهدي جو هڪ حصو بڻايائين. اهو سارو ڪم شاهه سائين سنڌي ٻولي ۾ پيش ڪري سنڌي ٻولي کي عالمي ادب سان ڳنڊيو.

جيڪڏهن اسان شاهه جي مختلف سُرن کي ڏسنداسين ته ظاهري حقيقت کان روحاني رمزن سان سرشار آهن. انهن سُرن ۾ ٻن سُرن سُر سارنگ ۽ سُر مارئي جو تعلق سڌو سنئون ٿر سان آهي. ٿر جي مارو ماڻهن سان آهي. جيڪي پيرن اُگهاڙا اڌ بکيا اُڃايل آهن، پر شاهه جا محبوب آهن. هو عالم ارواح ۾ انهن ماروئڙن وچن واعدا ڪري ويهي رهيو.

الستُ ارواحن کي جڏهن ڪن پيوم،

قالو بليٰ قلب سين تڏهن تت چيوم،

تنهن وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سان.

شاهه لطيف ٿر جي رهڻي ڪهڻي، ٻولي، ثقافت، حب الوطني، سانوڻي موسم، گسن گاهن، جي ذڪر کي پنهنجي شاعريءَ جو اهم موضوع بنائي ٿر کي هميشه لاءِ امر بنائي ڇڏيو.

سُرسارنگ جو ٿورو جائزو ڏسبو ته سارنگ هڪ راڳڻيءَ جو نالو آهي، جيڪا برسات جي موسم يعني سانوڻيءَ ۾ ڳائبي آهي. جيڪو هن سُر سارنگ کي سانوڻي جي موسم ۾ پوري سُر ۽ تال ۾ ڳائيندو سو جُهڙالا ٿيندو يعني مينهن وسائيندو. عام ماڻهو پڙهيل يا اڻپرهيل سُر سارنگ جا بيت سانوڻيءَ موسم ۾ برکا جي برسڻ بعد يا اڳ ۾ جهونگاريندا آهن. هن مُند ۾ وڄون وَسڻ جا ويس ڪنديون آهن. اڄ پڻ منهنجي يار وَسڻ جا ويسَ ڪيا، نيري نڀ تي جُهڙالي جهالر جهلڪندي آهي.  مارو ماڻهو ميگهه کي ساريندا آهن. تاڙا تنوارين ٿا، پپيها ٻولين ٿا.

پوءِ جڏهن رب جي رحمت برسڻ شروع ٿيندي آهي ته تَلَ تَرايون، کيت کرا سڀ پَلَرَ جي  پالوٽَ سان تار ٿيندا آهن. انسانن کان ويندي جيت جانورن ۾ سُرهائي محسوس ٿيندي آهي. مارو ماڻهو محبوب رُت ميگها جو سُر سارنگ سان آڌرڀاءُ ڪندا آهن. گسن تان گاهه ڦُٽندا آهن، سُڪل وڻَ ساوا ٿيندا آهن، ساري سيم سائي چادر ۾ ڍڪجي ويندي آهي. هاري هَر سنڀاهيندا آهن، هيءَ مُندائتو مينهن شاهه جي قول مطابق:

 ”روضي رَسُول کان شروعات ڪري روم، شام، ڪابل، قنڌار، دهلي، دکن، چين، گُرنار کان ڦيرا ڏئي ۽ اچي عمرڪوٽ جا وَلهار وسائي ٿر جا سُڪل صحرا سيراب ڪري ساري عالم کي آباد ڪندو آهي.“

شاهه لطيف ٿر جي مارو ماڻهو جي شناخت جي ڳالهه ڪندي چيو ته هُو اُڀ ڏي نهاري تاڙي پکيءَ جي ٻوليءَ ٻڌي مينهن وسڻ جي پيشنگوئي ڪري وٺندا آهن.

اڄ پڻ اُتر پار ڏي ڪڪر ڪَئي چوٽي،

مندائتي ميهه جي کِوڻ نه کوٽي،

آءُ لالڻ موٽي، گهوريا رسڻ ڏينهڙا.

ميگها رُت جو انتظار نه صرف ماڻهن کي هوندو آهي، پر پکي پکڻ ۽ جانورن کي به اها تاڻ هوندي آهي.

سارنگ کي سارين، ماڙهو مرگ مينهون،

آڙيون اَبر آسري، تاڙا تنوارين،

سِپون جي سمونڊ ۾، نئي سِجَ نِهارين،

پَلَر پيارين، ته سنگهارن سُک ٿئي،

موران ميھ نا وسري، منگت نا ڏاتار،

مھلي پيھر نا وسري، جيون ھاڙي ناڀتوار.

مورن کي مينھن نه وسرندو آهي، مڱڻھار کي سخي ياد رھندو آهي، شادي شده عورت کي مائٽ ياد رھندا، ھاري کي ماني کڻي ايندڙ زال ھميشه ياد رھندي آهي.

جڏهن سانوڻ وسي ڀري ٿو، ڏيهه مان ڏُڪار ڏولائو ختم ٿئي ٿو. گاهه گلزاريون ڪندا آهن. ويران وَٿاڻ آباد ٿيندا آهن. کير، مکڻ، لسي ججهي ٿئي ٿي. ڏُڪاري حالتن ۾ سيٺين جيڪو اناج مهانگو ڪري ڇڏيو هو، سو اڄ سستو ٿيو آهي. وَٺي کان پوءِ واري سرهائيءَ جي منظر کي لطيف سرڪار بيان ڪندي چيو ته:

مُند ٿي مَنڊل منڊيا، آيو جُهڙ جهاٽي،

هڪ ارزان اَن ٿيو، ٻيو مکڻ منجهه ماٽي،

ڪلمي سين ڪاٽي، لاٿم ڪَس قُلوب تان.

ٿر جو انتهائي حسين ٽُڪرو ننگرپارڪر جيڪو سياحن لاءِ زيارت گاهه آهي، جنهن ۾ ڪارونجهر جهڙو خوبصورت جبل ۽ ٻيا نظارا آهن. جڏهن پَلَر جي پالوٽ سان پارڪر جا پَٽَ ڀرجن ٿا، تڏهن پارڪر جو ذڪر ڪندي لطيف سرڪار چيو ته:

ڍَٽ ڍري، پَٽَ پِيئون پاسي پارڪر،

سڀئي ڀريا سَر، پَلَر جي پالوٽ سين.

لطيف سائين ٿر جي ماڻهن جي ٻولي، لهجو، انهن جي استعمال هيٺ ايندڙ شين جا نالا ۽ انهن جي اهميت جو ذڪر ڪيو آهي جئين پاڻي ڪڍڻ لاءِ کوهه تي ضوروي شين جا نالا، جيئن ڀوڻ، رسي، ڌڻ، جنڊي، کوهه جي ڊيگهھ، سُٺ، پرهه کي هڪ عاليشان انداز ۾ ڪم آندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.