چمبڙ تعلقي کي منشيات کان پاڪ ڪرڻ لاءِ ٿيل کلي ڪچهري جو احوال

تحرير: ثوبيا کوسو

چمبڙ تعلقو جيڪو ڪنهن زماني ۾ سياسي تحريڪ جو ڳڙهه سمجهيو ويندو هو، جتي سڀ کان پهرين هاري ڪورٽون قائم ٿيون هارين بغاوت ڪندي وڏن وڏن ظالمن جا واٽر ڪورس ڊاهي تباهه ڪري ڇڏيا، اڄ اهو تعلقو ڪينسر ۽ ايڊز جي بيمارين ۾ پهرين نمبر تي اچي چڪو آهي، پهرين هتي نوجوان طبقو انقلاب انقلاب جا نعرا هڻندي نظر ايندو هو پر اڄ جو نوجوان نوجوان طبقو منشيات جو عادي ٿي چڪو آهي، چرس، هيروئن، آفيم آئيس ، مين پڙي ، سفينا وٺڻ ائين آهي جيئن ڪو ٻار ڪنهن دڪان تان ٽافي وٺي، پر جڏهن کان ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ سيد سليم شاهه بطور ايس ايس پي جوائننگ ڪئي آهي ڪافي حد تائين منشيات وڪري ۾ ڪمي آئي آهي پر اڃان به ڪافي اهڙا اسٽاپ، شهر ۽ ڳوٺ آهي جتي مقامي پوليس اهلڪارن ۽ ايس ايڇ اوز جي سرپرستي ۾ منشيات جو وڪرو جاري ساري آهي.

 تازو ئي ايس ايس پي ٽنڊوالهيار چمبڙ ٿاڻي ۾ کلي ڪچهري جو اعلان ڪيو ۽ ان ڏينهن سون جي تعداد ۾ ماڻهو اچي پهتا ۽ مختلف شڪايتون ڪيائون، سنڌ هاري ڪميٽي چمبڙ جي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار کوسو ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کي ٻڌايو ته اوهان جي مقرري کان پوءِ منشيات وڪري ۾ ڪافي ڪمي ٿي آهي پر چمبڙ، سنجرچانگ، مسڻ سميت مختلف جڳهن تي منشيات جو وڪرو جاري آهي، پر افسوس جي ڳالهه آهي ته انهن منشيات فروشن خلاف پوليس ڪا به ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ اوهان جي سخت احڪامن ۽ سياسي سماجي سول سوسائٽي طرفان اوهان کي اطلاع ڏيڻ کانپوءِ پوليس صرف فارملٽيز پوري ڪرڻ لاءِ يا ته ڪيبنن وارن ۽ ريڙهي وارن مسڪينن کي چالان ڪندي آهي ۽ جيڪڏهن وڏن وڏن منشيات فروشن جن جون مين پڙيون هزارن جي تعداد ۾ هر روز وڪرو ٿينديون آهن انهن کي به صرف ٽيهه کان چاليهه مين پڙين يا سفينا جي هڪ ٻن پاڪيٽن ۾ چالان ڪندي آهي ۽ ٻي ڏينهن انهن جي ضمانت ٿي ويندي آهي، ۽ سنڌ هاري ڪميٽي اڳواڻ جو اهو به چوڻ هو ته چمبڙ ۾ ڪيترائي ماڻهو ميڊيا جي آڙ ۾ به منشيات جو وڪرو ڪري رهيا آهن ۽ انهن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي، ايس ايس پي ٽنڊوالهيار جو چوڻ هو ته اوهان جن جن منشيات فروشن جي نشاندهي ڪئي آهي انهن خلاف فوري ڪاروائي ڪئي ويندي ۽ منشيات وڪري ۾ جيڪي به مقامي پوليس اهلڪار شامل آهن انهن تي به انڪوائري ڪرائي مٿن سخت ڪارروائي ڪئي ويندي۔

 کلي ڪچهري ۾ ماڻهن ڪافي شڪايتون ڪيون، هڪ شخص اهو به چيو ته نادرا جيڪا اسان جي گهرن ڏي ويندڙ گلي ۾ آهي اتي موٽرسائيڪلن جي تمام گهڻي رش هوندي آهي جنهن سبب اسان کي سخت ڏکيائون آهن ، اسين ان گهٽي جا رهواسي اتان پيري پنڌ به گذري نٿا سگهون مهرباني ڪري چمبڙ پوليس کي حڪم ڏنو وڃي ته هو اهي گاڏيون اتي بيهارڻ بدران پاسي ۾ ٺهيل پارڪنگ ۾ بيهارين جيئن اسان کي ڏکيائون نه ٿين۔ کلي ڪچهري ۾ ڪافي ماڻهن جو اهو به چوڻ هو ته اسان کان موٽرسائيڪلون ڦر ٿيون آهن جيڪي اڃان تائين واپس ناهن مليون، ايس ايس پي ان ٽائم ئي چمبڙ پوليس کي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪندي کين ستن کان ڏهن ڏينهن اندر موٽرسائيڪلون واپس ڪرائي ڏيڻ جا احڪامات پڻ جاري ڪيا، ايس ايس پي ٽنڊوالهيار طرفان کليل ڪچهري ۾ چمبڙ واسين پنهنجا پنهنجا مسئلا ٻڌايا، ڪنهن سان بي واجبي ٿي هئي ۽ پوليس ايف آءِ آر داخل نه پئي ڪئي ته انهن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جا احڪامات جاري ڪيا، جيڪو انتهائي ساراهه جوڳو عمل آهي.

 کليل ڪچهري کان پوءِ عوامي آواز سان ڳالهائيندي چمبڙ جي سماجي ورڪرن ۽ صحافين ، اشرف مڱريو ، حاجي خان ڀٽي ، ارباب رستماڻي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڪافي عرصي کان منشيات جو وڪرو جاري آهي، صرف چمبڙ تعلقي ۾ پنجاهه کان به وڌيڪ ماڻهو ڪينسر ۾ مبتلا ٿي زندگيون وڃائي ويٺا آهن ۽ اڃان ڪافي سارا ٻار، عورتون، ٻڍڙا، نوجوان ڪينسر ۾ مبتلا آهن، جنهن جي اصل وجهه منشيات جو وڪرو آهي، منشيات جنهن چمبڙ ۾ ڪيترائي خاندان تباهه ڪري ڇڏيا آهن، پر افسوس جي ڳالهه آهي ته سموري تعلقي جي ٿاڻن جي پوليس منشيات فروشن سان مليل هئڻ ڪري منشيات فروشن خلاف ڪا به اثرائتي ڪاروائي ناهي ٿي سگهي اسان کي اميد آهي ته ايس ايس پي ٽنڊوالهيار انهن منشيات فروشن خلاف ضرور ڪارروائي ڪندو.

چمبڙ ۾ آئيس وڪرو هئڻ سبب انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، چمبڙ جي ڳوٺ نظر رند ۾ ڪجهه ئي مهينا پهرين هڪ آئيس جي موالي آئيس جي نشي ۾ ڌت ٿي پنهنجي هڪ سال جي ٻار کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو ۽ زال کي به سخت زخمي ڪيو هو، پر صرف اهو واقعو ناهي، ان کان پهرين به اهڙا ڪيترائي واقعا پيش اچي چڪا آهن، جيئن ڪجهه عرصو پهرين شراب جي نشيء ۾ ڌت هڪ وڏيري جي پٽ اسپيڊ ۾ ڪار هلائيندي چار ماڻهن جن ۾ هڪ پوليس اهلڪار به شامل هو قتل ڪري ڇڏيو هو ، ڳالهه جو مقصد ته منشيات تباهي مچائي ڇڏي آهي،ايتري قدر جو هاڻي پرائمري هائي اسڪولن، ڪاليجن،جا شاگرد به منشيات استعمال ڪري رهيا آهن۔ ننڍن ننڍن معصوم ٻارڙن جي وات ۾ اوهان کي سفينا ۽ مين پڙي ضرور نظر ايندي۔ ان کان علاوه شهر ۾ آئيس جي موالين به رڻ ٻاري ڏنو آهي هر ايندڙ ڏينهن ڪٿي نه ڪٿي چوري جا واقعا رپورٽ ٿيندا آهن، اسٽورن تي نشي آور انجيڪشنن جو وڪرو به جاري آهي۔ چمبڙ شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن توڙي سول سوسائٽي کي هاڻ ايس ايس پي ٽنڊوالهيار سيد سليم شاهه ۾ اميدون آهن ته هو ضرور منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪندو ۽ چمبڙ تعلقو منشيات مان پاڪ ٿيندو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.