غزا تي مڪمل قبضي جي اسرائيلي رٿا تي عالمي برداري جي مذمت، جرمني جو اسرائيل کي هٿيار وڪڻڻ کان انڪار

برلن (ويب ڊيسڪ) غزا تي مڪمل قبضي جي اسرائيلي منصوبي جي مذمت ڪندي جرمني اسرائيل کي غزا ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيارن جي برآمد کان انڪار ڪري ڇڏيو.
جرمن چانسلر چيو آهي ته اهو سمجهڻ ڏکيو آهي ته اسرائيلي فوجي ڪارروائي ڪيئن پنهنجا مقصد حاصل ڪندي، تنهنڪري جرمن حڪومت ايندڙ اطلاع تائين غزا پٽي ۾ استعمال ٿيندڙ فوجي سامان جي برآمد جي اجازت نه ڏيندي.
ٻئي پاسي اسرائيلي منصوبي جي دنيا جي مختلف ملڪن کان سخت مذمت ٿي رهي آهي. ڊئنمارڪ اسرائيل کان مطالبو ڪيو آهي ته هو غزا تي قبضي جو منصوبو ترت واپس وٺي ۽ چيو آهي ته غزا تي قبضي ۽ فوجي ڪارروائين کي وڌائڻ جو فيصلو غلط آهي.
سعودي عرب به غزا تي قبضي جي اسرائيلي ڪوششن جي مذمت ڪئي آهي، جڏهن ته گڏيل قومن اسرائيل کان مطالبو ڪيو آهي ته هو غزا تي قبضي جو منصوبو فوري روڪي.
برطانوي وزيراعظم ڪير اسٽارمر اسرائيل کان درخواست ڪئي آهي ته هو هن فيصلي تي ترت نظرثاني ڪري، ڇاڪاڻ ته اهڙن قدمن سان غزا ۾ رتوڇاڻ جو خدشو آهي.
ترڪي عالمي برادري کي اسرائيلي منصوبي کي روڪڻ لاءِ دٻاءُ وڌائڻ جي اپيل ڪئي آهي، جڏهن ته آسٽريليا به اسرائيل کي غزا تي فوجي قبضي کان پاسو ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي.
ياد رهي ته اسرائيلي سيڪيورٽي ڪابينا وزيراعظم نيتن ياهو جي غزا تي فوجي قبضي جي تجويز منظور ڪري ڇڏي آهي.
اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو آمريڪي ميڊيا کي انٽرويو ۾ چيو هو ته هو پنهنجي سلامتي لاءِ غزا جي سڀني علائقن تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ چاهي ٿو.
نيتن ياهو جو اِهو به چوڻ هو ته هو غزا تي حڪمراني نٿو چاهي ۽ غزا کي سِول انتظاميا جي حوالي ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.