واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪين ۽ ٽيرف قدمن کانپوءِ ڀارت گوڏا کوڙڻ تي مجبور ٿي ويو.
برطانوي خابرو اداري رائٽرز موجب، آمريڪي ٽيرف قدمن کانپوءِ ڀارت روس کان تيل جي خريداري گهٽائڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڀارت آمريڪا کي روس کان تيل خريداري ۾ گهٽتائي جو اشارو به ڏنو آهي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي صدر ٽرمپ ڀارت کي ڌمڪي ڏني هئي ته جيڪڏهن ڀارت روس کان تيل جي خريداري جاري رکي ته مٿس واڌو ٽيرف لاڳو ڪيا ويندا، جنهن کا پوءِ آمريڪا ڀارت تي 25 سيڪڙو اضافي ٽيرف لاڳو ڪيو.
هاڻي آمريڪا جي ڀارت تي مجموعي ٽيرف 50 سيڪڙو ٿي چڪو آهي.
ٽيرف لاڳو ٿيڻ کانپوءِ آمريڪي صدر ٽرمپ ڀارت سان واپاري ڳالهين کان به کتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي.
اوول آفيس ۾ صحافي جي سوال تي ٽرمپ چيو ته جيستائين ٽيرف جو مسئلو حل نه ٿيندو، ڀارت سان ڪنهن به واپاري معاهدي تي اڳڀرائي نه ٿيندي.
You might also like