چار سئو ماڻهن سان گڏجي ويهن ورهين جي نوجوان پنهنجو ڌار ملڪ ٺاهي ڇڏيو

ويٽيڪن سٽي کان پوءِ دنيا جو ٻيو نمبر ننڍو ملڪ وجود ۾ اچي ويو، جنهن جو بنياد هڪ 20 سالن جي نوجوان رکيو آهي.
آسٽريليا جي هڪ نوجوان 400 شهرين تي ٻڌل گروپ سان گڏجي، جن کي اڳ ۾ ”پاڪيٽ ٿري“ قوم جي نالي سان ڄاتو ويندو هو، پنهنجو نئون ملڪ ٺاهي ڇڏيو آهي.
نوجوان سوشل ميڊيا واهپيدارن جو ڌيان ان وقت پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ٿيو جڏهن هن پاڻ کي ”آزاد جمهوريه ورڊيس“ جو صدر قرار ڏنو.
ڊينئل جيڪسن نالي آسٽريلوي نوجوان 2019 ۾ هڪ اهڙي جاءِ دريافت ڪئي، جيڪا اڳ ۾ ڪنهن ٻئي ملڪ جي انتظام هيٺ نه هئي.
آمريڪي نيوز ايجنسي جي رپورٽ موجب، هي هڪ ننڍڙي قوم آهي جيڪا ڪروشيا ۽ سربيا جي وچ ۾ ڊينيوب ندي جي ڪناري تي 125 ايڪڙ ٻيلي ۾ رهي ٿي، سندن جو پنهنجو جهنڊو، ڪابينا ۽ ڪرنسي پڻ آهي.
آزاد جمهوريه ورڊيس ۾ ڪروشين ۽ سربين کانسواءِ انگريزي ٻولي پڻ ڳالهائي ۽ سمجهي ويندي آهي.
واضح رهي ته ڊينئل جيڪسن کي ڪروشيا جي اختيارين نئين ملڪ جي قيام جو اعلان ڪرڻ تي گرفتار ڪري ورتو هو، جڏهن ته ڪروشيا نئين ملڪ جي اعلان کي قومي سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏنو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.