افغان سرحد وٽان دهشتگردن جي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام، فتنه الهندوستان جا 33 خارجي مارجي ويا

راولپنڊي ۾ (ويب ڊيسڪ) سڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪندي فتنه الهندوستان جي خارجين افغان سرحد کان پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، ڀارتي حمايت يافته خارجين 7 ۽ 8 آگسٽ جي وچ واري رات افغان سرحد وٽان داخل ٿيڻ ڪوشش ڪئي، پر فورسز جي وقتائتي ڪارروائي ۾ 33 خارجي مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ته سيڪيورٽي فورسز زوب جي علائقي سمبازا ۾ خارجين جي چر پر جو پتو لڳايو ۽ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي دراندازي جي ڪوشش کي اثرائتي انداز ۾ ناڪام بڻايو.
آءِ ايس پي آر موجب، مارجي ويلن خارجين وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ آيو آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز سرحدن جي دفاع ۽ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.