ممبئي (ويب ڊيسڪ) ايشوريا راءِ 900 ڪروڙن جي اثاثن سان ڀارت جي ٻيو نمبر امير ترين اداڪارا بڻجي وئي.
اڳوڻي سونهن راڻي ايشوريا راءِ بچن جيتوڻيڪ هن وقت اداڪاريءَ جي ميدان ۾ سرگرم نه آهي پر ان باوجود هن ٻيو نمبر امير ترين اداڪارا جو اعزاز ماڻي ورتو آهي.
فنانشل ايڪسپريس موجب، ايشوريا هر فلم لاءِ 10 کان 12 ڪروڙ رپيا معاوضو وصول ڪري ٿي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اداڪارا جون جون دبئي ۾ به ملڪيتون آهن.
واضح رهي ته ڀارت جي سڀ کان امير اداڪارا جوهي چاولا آهي.
You might also like